ڪوٽڙي ۾ ٻن ڀينرن سان زيادتي ڪيس جي جوابدار جو رمانڊ

ڪوٽڙي(جبار ڪابورو) ڪوٽڙي جي خورشيد ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ ٻن ڀينرن سان مبينا زيادتي ڪري وڊيو ڀرڻ واري معاملي جي مکجوابدار سلطان پٺاڻ کي پوليس  ڄامشوري جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار کان ڪيس جي سلسلي ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي ۽ سندس ميڊيڪل به ڪرائڻو آهي، عدالت جاچ آفيسر جي استدعا تي جوابدار سلطان پٺاڻ کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار کان رشوت وٺي کيس فرار ڪرائڻ جي الزام ۾ گرفتار چوڪي انچارج ياسين لغاري طرفان ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن جي اڄ ٻڌڻي ٿيندي، جڏهن ته برطرف ايس ايڇ او مظهر نائچ کانپوءِ ڪيس ۾ گهربل صحافي مقدر بلوچ پڻ عدالت مان عبوري ضمانت ڪرائي ورتي، ٻي پاسي زيادتي معاملي تي ڪيس جو فريادي ۽ متاثر نينگرين جي امڙ به ڄامشورو جي عدالت ۾ پهچي ويا، هنن چيو ته مسڪين آهيون جوابدار وڏو ظلم ڪيو آهي انصاف ڪيو وڃي، ڪيس وڙهندڙ ڄامشورو بار جي صدر فهيم انڙ چيو ته نينگرين جي وارثن سان هر حال ۾ گڏ آهيون ڪيس کي سنجيدگي سان ڏسون پيا، هن قسم جا واقعا ڪنهن فرد جو معاملو ناهي پر سڄي سماج جو مسئلو آهي، عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڄامشورو شازيا عابد مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل ٻارڙين جي گهر پهچي وئي وارثن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي، هن چيو ته معصوم ٻارڙين سان ظلم ٿيو آهي، ٻارڙين سان زيادتي ڪرڻ ۽ وڊيو رڪارڊ ڪندڙ جوابدارن کي سزا ڏياري ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.