ڊاڪٽر زيد پيرزادو اڄڪلهه تيزيءَ سان لکي ٿو، سندس گهڻي ڀاڱي موضوع، تعليم، صحت، سماج، نوجوان جي ڪيريئر ڪائونسلنگ وغيره شامل آهن. ڊاڪٽر زيد پيرزادو جيئن سوچيندو آهي، اهڙو ئي عمل ڪندو آهي، گهڻا ماڻهو ڳالهھ هڪڙي ڪندا آهن ۽ عمل ٻيو، مطلب سندس قول ۽ فعل ۾ وڏو فرق هوندو آهي.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن ڪتاب جو نالو به ”سمجهه“ ڏنو آهي،جيڪو هو حقيقي معني ۾ سوچي ۽ سمجهي ٿو، اسان پڙهندڙ کي به اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته گهڻي غور و فڪر ڪرڻ سان انسان جي سمجهه وڌندي آهي، ڊاڪٽر صاحب به هن سماج لاءِ گهڻو غور ويچار ڪندو رهي ٿو، جنهن عمل کان پوءِ هو انهن کي نثري نظم جي شڪل ۾ پيش ڪري ٿو.
پاڻ آزاد خيال هئڻ ڪري آزاد نظم لکندو رهي ٿو،سندس پهريون نثري نظمن جو ٻڌل ڪتاب "خيال” آيو آهي، انهيءَ کان پوءِ سندس ٻيو ڪتاب ”ڏکن پٺيان سک“ سفرنامو آيو آهي، جنهن ۾ پاڻ آسٽريا مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو هيو ته اتان جي ماحول کي پاڪستان جي ماحول سان ڀيٽيو آهي، سندس اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اڻلڀ ٿي ويو آهي، جنهن جو ٻيو ايڊيشن پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچي طرفان مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي.
ڊاڪٽر زيد پيرزادو جو هي ٽيون ڪتاب "سمجهه” تازو مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جيڪو پڻ نثري نظمن تي ٻڌل آهي. انهيءَ کان علاوه سندس گڏيل مضمون جو ڪتاب پڻ تيار آهي، جيڪي مضمون ڊاڪٽر تعليم، صحت، سماج، ماڻهن جي روين، سوچن ۽ نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ تي لکيا آهن.
هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو لکيو آهي، جنهن ۾ لکي ٿي ته "زيد پيرزادو جئين ته پيشي جي لحاظ کان هڪ سائنٽسٽ آهي، يقينن پنهنجي لاڳاپيل شعبي سان گڏوگڏ سندس شعوري اک سماج جي گهڻن پاسن ڏانهن يڪسان رکي رکي ٿي”.
اها حقيقت آهي ته ڊاڪٽر زيد پيرزادو سائنسي خيال جو ماڻهو آهي، جو سندس پي ايڇ ڊي به مائڪرو بالاجي واري شعبي ۾ ٿيل آهي،انهيءَ ڪري به پاڻ پڻ نت نوان ۽ نج سائنسي خيال ڏيندو رهي ٿو.
سندس هن ڪتاب سمجھه ۾ پڻ اهڙا ڪيترائي نثري نظم موجود آهن، جيڪي اڄ جي دور مطابق سائنسي خيال جي مڪمل اڪاسي ڪندڙ آهن.
سندس ڪتاب جو پهريون نثري نظم "ڊجيٽل محبت” جون ڪجهه سيٽون هن ريت آهي:
توکان سواءِ
مان هينگ رهندو آهيان
توسان ملاقات
منهنجي جيون جو سوفٽ ويئر ئي
تبديل ڪري ڇڏيو آهي
تون مون ۾ ائين انسٽال ٿي وئي آن
ڪميونيڪيشن جي هن تيز دور ۾
محبت به ڊجيٽل ٿي وئي آهي.
هن نظم ۾ شاعر ڊجيٽل دور ۾ محبت کي به ڊجيٽلائيزڊ ڪري ڪيڏو سهڻي نموني سان دلچسپ ۽ حقيقت تي ٻڌل تشبيهون ڏئي ڪري پيش ڪيو آهي.
سندس ٻيو نثري نظم "غير جانبداري” هن طرح سان آهي ته:
نه مان تنهنجو
مخالف آهيان
نه تنهنجو
حامي آهيان
نه مان تنهنجو
خوشامدي آهيان
نه تنهنجو
دشمن آهيان
صحيح ڳالهه ۾
توسان گڏ آهيان
غلط ڳالهه ۾
تنهنجو ويري آهيان
سچي ڳالهه ۾
دشمن سان به
گڏ آهيان
ڪوڙي ڳالهه ۾
دوست جو به
مخالف آهيان.
هن نظم ۾ ڊاڪٽر زيد پيرزادو ڪيڏي نه حقيقت پسندي واري ڳالهھ ڪئي آهي، پر ڏٺو وڃي ته اڄ جي دور ۾ اڪثر ماڻهو ڪوڙي ڳالهه جي حمايت ڪندا آهن ۽ سچي ڳالهه جي مخالفت ڪندا آهن، علم عقل ۽ شعور هجڻ باوجود به ذاتي ياري تي لهي ايندا آهن، پر افسوس جو غير جانبدار هجڻ باوجود جانبدار هجڻ جو ثبوت ڏيندا آهن، جيڪو عمل ڪنهن المي کان گهٽ ڪونه آهي. پر مون ذاتي طور ڊاڪٽر زيد پيرزادو کي هميشه غير جانبدار طور ڏٺو آهي.
ڌن واري نظم ۾ لکي ٿو ته:
ڌن
دولت
مال
ڪنهن وٽ گهٽ
ڪنهن وٽ وڌيڪ
جنهن وٽ وڌيڪ آهي
ان اڪيلي جو ته ناهي
ٻين جو به آهي
سڀني جو آهي.
هي نظم پڙهڻ سان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته شاعر ڪيڏو احساس ڀريو ماڻهو آهي، ڪڏهن به پنهنجي ڌن دولت، مال ملڪيت تي فخر ڪونه ٿو ڪري، اهو پيغام ڏئي ٿو ته جنهن وٽ وڌيڪ دولت آهي، ان ۾ ٻين جو به حصو آهي، اها دولت توهان اڪيلي سر جي ته ناهي.
مون به کيس ائين ئي ڪيترن موقعن تي غريبن جي مدد ڪندي ڏٺو آهي، ڪرونا وبا جهڙي موذي مرض واري
وڏو فرق آهي جون ڪجهه سٽون شامل آهن:
وڏو فرق آهي
اصولن تي هلڻ ۽
پنهنجي اصولن تي هلڻ ۾!
وڏو فرق آهي
احتساب ۽
انتقامي ڪاروائي ۾!
وڏو فرق آهي سفارش ۽
ميرٽ جي سفارش ۾!
وڏو فرق آهي
وڏي اديب ۽
وڏي انسان ۾!
وڏو فرق آهي
تجربي ۽
ٽيلينٽ ۾!..
وڏو فرق آهي
امير هجڻ ۽
عزتدار هجڻ ۾!
وڏو فرق آهي
مقبول هجڻ ۽
قابل هجڻ ۾!
وڏو فرق آهي
وڏو هجڻ ۽ وڏو ٿيڻ ۾!
(هلندڙ)
وري نثري نظم ۾ شاعر ڏس ڪئين ٿو سماج جو الٽرا سائونڊ ڪري، ڪئين ٿو ماڻهن جي روين کي ظاهر ڪري، بظاهر ماڻهو سٺو ڳالهائيندا آهن، سٺو لکندا آهن، سٺيون هدايتون ۽ نصيحتون ڏيندا آهن، پر عملي طور مُلن وانگر کُٽل هوندا آهن. شاعر انهن جي منافقي واري پهلو کي ڪيڏو نه چڱيءَ ۽ چٽيءَ طرح ظاهر ڪيو آهي.
سماج جا مجرم
هڪڙا ماڻهو ڪم ڪندا آهن،
هڪڙا ماڻهو گند ڪندا آهن.
هڪڙا ماڻهو ڪم ڪندا آهن
هڪڙا ڪمن ۾ رنڊڪون وجهندا آهن
هونئن ننڊ اگھور ستل هوندا
جئين ئي ڪم ٿيندو اٿي کڙا ٿيندا آهن
جيڪو ڪم ڪندو
ان ۾ پيا نقص ڳڻائيندا آهن
نه پاڻ ڪم ڪندا آهن
نه ٻين کي ڪم ڪرڻ ڏيندا آهن
ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ وڌل رنڊڪون
کين سماج جو مجرم بڻائي ڇڏينديون آهن
هڪڙا ماڻهو ڪم ڪندا آهن
هڪڙا ماڻهو گند ڪندا آهن.
هن نظم ۾ پڻ شاعر ماڻهن جي روين، سوچن ۽ عملن کي ننديو آهي، اسان جي سماج ۾ به اهڙا ڪيترائي ئي ماڻهو موجود آهن، جن جو ذڪر شاعر هن نثري نظم سماج جا مجرم ۾ بخوبي ڪيو آهي. انهيءَ ڪري ماڻهو کي حقيقت پسند، اعتدال پسند، غير جانبدارانه طور زندگي گذارڻ گهرجي، جهڙو ماڻهو هجي، اهڙو ئي سندس عمل به هجڻ گهرجي.
سا دنيا گذري وئي
سا دنيا گذري وئي
جنهن ۾ اوهان پيدا ٿيا هيو
هڪ نئين دنيا سامهون آهي!
جنهن شخص سان
پهريون ڀيرو ملو ٿا
تنهن سان ته اوهان
ڪيترائي ڀيرا ملي چڪا آهيو
خريداريءَ لاءِ کيسي ۾
نوٽ هجڻ ضروري نه آهن!
ميٽنگ ڪرڻ لاءِ
آفيس پهچڻ جي ضرورت ناهي رهي!
خريداري لاءِ پيرن سان رلڻ بدران
آڱرين سان رلڻ ڪافي آهي!
بجلي گئس پاڻي جا بل
موبائيلون ڀري ٿيون اچن!
رستو ڏٺل به نه هجي
منزل تي آسانيءَ سان پهچي ٿو سگهجي!
پنهنجي منهن کلندڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو
هاڻي چريا نه ٿا لڳن!
دوڪان کولڻ لاءِ
دوڪان جي ضرورت ئي ناهي
رت ليبارٽري ڏئي اچجي ٿو
رپورٽ گهر هلي ٿي اچي!
ڪتابن جي ڪٻٽن کان وڌيڪ ڪتاب
موبائيل جي ڇهن انچن جي اسڪرين اندر ماپي ٿا وڃن!
آڪسفورڊ يونيورسٽي جو پروفيسر جو ليڪچر
ڳوٺ جي اوطاق ۾ اٽينڊ ڪري ٿو سگهجي!
پاڻ کي غريب، ننڌڻڪو، مجبور، بيوس پيا سمجهو ۽
دنيا سڄي اوهان جي کيسي اندر پئي آهي!!!
هن نظم ۾ شاعر روايتي زندگيءَ کان هٽي غير روايتي زندگي گذارڻ جا گس ڏنا آهن ۽ جديد طريقي سان گذارڻ جا ڏس ڏنا آهن.اها حقيقت آهي ته هر دور ۾ وقت ۽ حالات مٽجندا رهيا آهن، ائين ئي شاعر به ماڻهو کي وقت ئي حالات سان گڏ هلڻ ۽ رهڻ جا طور طريقا استعمال ڪرڻ سيکاريا آهن.
نثري نظم-زندگي
زندگي اها ئي ته آهي
ڪنهن ڏينهن جي ايتري بس خبر
زيد به موڪلائي ويو!
مونکي خوشي سان گڏ حيرت به ٿي آهي جو شاعر زندگي واري نظم ۾ پاڻ کي به فاني دنيا ۾ شامل ڪيو آهي ۽ حقيقت کي به مڃيو آهي ته زندگي به ايتري آهي جو ماڻهو ائين ئي چوندا ته زيد به موڪلائي ويو.
انهيءَ کان علاوه سندس نظم پاڻ سان ڳالهائڻ، ماڻهو ۽ ڳالهھ، اميدن جي ناڪامي، نئون دور، نوان مطلب سوچ جي نظر، سمجهو نه ٿا اڄ سٺو وقت آهي، تصور جي دنيا پڙهڻ جهڙن نظم آهن، جن تي پڻ لکي سگهجي ٿو، پر مضمون وڌي وڃڻ ڪري هتي انهن نظمن تي تفصيلي ڳالهائي نه ٿو سگهجي.
سنڌ جي ناليواري شاعر اياز گل سندس شاعري واري ڪتاب سمجھ تي بئڪ ٽائيٽل لکيو آهي. لکي ٿو ته "زيد پيرزادي جي نظمن ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪو زندگيءَ ۾ آهي، سڄڻ ساڻيھُ، ساڇاههَ، سياسي سمجهداري، جذبا، احساس، اذيتون، خوشيون ۽ خوشبوئون ۽ سڀ کان خاص ڳالهه ته انهن سڀني کي گڏي ڪاميابيءَ سان پنهنجي ڳالھ ڪري وڃڻ جو نانءُ.”
اياز گل جي مطابق ته ڊاڪٽر زيد هن شاعري واري ڪتاب ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل سڀني موضوعن، لاهن چاڙهن، مشاهدن ۽ تجربن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
هي ڪتاب سنڌ جي هر مڪتب فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ خاص طور نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.