غزه ۾ ھاڻوڪي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو حماس خلاف احتجاج ٿيو آھي.جنھن ۾ سوين ماڻهو حماس خلاف روڊن تي نڪتا.ان وچ ۾ ٻٽ ٻڌل حماس جي ويڙهاڪن، جن مان ڪن جي ھتن ۾ بندوقون ته ڪن وٽ لٺيون ھيون.احتجاج ڪندڙن کي اھڙي عمل کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي۽ احتجاج ڪندڙن کي زبردستي ڇڙوڇڙ ڪيو. بي بي سي اھڙي رپورٽ ڪندي ڄاڻايو آھي تھ حماس جي تنقيد ڪندڙ ڪارڪنن پاران سوشل ميڊيا تي وڊيوز ۽ پوسٽون جاري ڪيون ويون آھن. جن ۾ نوجوان اتر غزه ۾ بيت لاهيا جي علائقي جي گهٽين ۾ مارچ ڪيو ۽ "حماس کي هتان نڪري وڃڻ گهرجي” جا نعرا ھڻندي نظر آيا.
حماس چيو آهي ته اهو ان عمل جي مذمت ڪري ٿو. جيڪي”مشڪوڪ سياسي ايجنڊا” کي اڳتي وڌائين ٿا ۽ الزام اسرائيل کان سواءِ ڪنهن ٻئي تي وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. حماس جي حامين احتجاج ۾ حصو وٺندڙن تي غداري جو الزام لڳايو آھي .ياد رهي ته اتر غزه ۾ حماس خلاف هي احتجاج ان وقت ۾ ٿيو جڏهن هڪ ڏينهن اڳ ئي شدت پسند تنظيم اسلامي جهاد اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪيا هئا. پوءِ اسرائيل بيت لاهيا جي وڏي حصي کي خالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن علائقي جي ماڻهن کي ڪاوڙائي ڇڏيو. ٻن مهينن جي جنگ بندي کان پوءِ، اسرائيل غزه ۾ پنهنجو فوجي آپريشن ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيل جو الزام آهي ته حماس جنگ بندي معاهدي کي وڌائڻ لاءِ آمريڪي سفارشن کي رد ڪري ڇڏيو.
ٻئي طرف، حماس اسرائيل تي جنوري ۾ ٿيل معاهدي تي عمل نه ڪرڻ جو الزام لڳائي ٿو. 18 مارچ تي، اسرائيل غزه ۾ هوائي حملن سان پنهنجو فوجي آپريشن ٻيهر شروع ڪيو، جنهن ۾ سوين فلسطيني مارجي ويا ۽ هزارين بي گهر ٿيا. احتجاج ڪندڙن مان هڪ محمد ديب چيو ته هن جنگ ۾ سندس گهر تباهه ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ هڪ سال اڳ اسرائيلي هوائي حملي ۾ مارجي ويو هو سندس چوڻ ھو تھ .”اسان ڪنهن به پارٽي جي ايجنڊا يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي مفادن لاءِ مرڻ کان انڪار ڪريون ٿا”.
"حماس کي پوئتي هٽڻ گهرجي ۽ انهن ماڻهن جي آوازن کي ٻڌڻ گهرجي جيڪي مصيبت ۾ آهن.” هي آواز ملبي جي ڍير هيٺان کان اچي ٿو. هي سڀ کان سچو آواز آهي. حماس ڪيترن ئي فلسطيني جنگجو گروپن مان سڀ کان وڏو آهي. حماس جي منشور موجب هي گروپ اسرائيل کي تباهه ڪرڻ لاءِ جو پڪو ارادو رکي ٿو.
شروعات ۾ حماس جا ٻه بنيادي مقصد هئا: هڪ فلسطينين لاءِ سماجي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ ۽ ٻيو اسرائيل خلاف هٿياربند جدوجهد ڪرڻ. هٿياربند جدوجهد بنيادي طور تي حماس جي فوجي شاخ، عزالدين القسام برگيڊ جي ذميواري هئي.2006 ۾ حماس فلسطيني قانون ساز چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 2007 ۾ ان وقت جي صدر محمود عباس جي فتح تحريڪ تي قبضو ڪري غزه تي پنهنجو سياسي ڪنٽرول مضبوط ڪيو.
غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ گهٽين ۽ آن لائن پليٽ فارمن تي حماس جي تنقيد وڌي وئي، پر اڃا تائين ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي تنظيم سان وفادار آهن.پر هن جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ به، حماس جي مخالفت هئي، پر ماڻهو خوف کان لڪي ويا ھئا.
"معاف ڪجو، پر حماس ڇا چاهي ٿو؟” فيس بڪ تي غزه کان محمد النجر لکيو. "اهي اسان جي رت سان کيڏي رهيا آهن، رت جنهن کي سڄي دنيا صرف انگن جي طور تي ڏسي ٿي.”
حماس جي هڪ عهديدار ڊاڪٽر باسم نعيم بي بي سي کي ٻڌايو ته "ماڻهن کي درد ۽ ڏک ۾ روئڻ جو حق آهي،” پر هن احتجاج ڪندڙن تي "مشڪوڪ ايجنڊا” ۾ شامل ھجڻ جو الزام لڳايو. هن سوال ڪيو ته اهي مظاهرا اولهه ڪناري ۾ ڇو نه ٿي رهيا آهن.سندس چوڻ ھو تھ غزه ۾ جاري بحران جو فائدو وٺندي اسرائيل پاڻ تان الزام هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.
ياد رهي ته حماس 7 آڪٽوبر 2023 تي اسرائيل تي حملو ڪيو. حملي ۾ 12 سئو ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 251 کي يرغمال بڻايو ويو ھو. جواب ڻ اسرائيل غزه تي خطرناڪ حملو ڪري ڏنو.جنھن ۾ تاحال 50 ھزارکان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا آهن.غزه جي 20 لک ماڻھن کي دربدر ٿيڻو پيو ھو. غزه ۾ 70 سيڪڙو عمارتون تباهه ٿي ويون ھيون.جتي پاڻي،صحت سميت ھر قسم جو نظام ناس ٿي ويو.خوراڪ، ٻارڻ ۽ دوائن جي سخت کوٽ آهي.