وفاق بچائڻ چاهيون ٿا، صدر ڪئنالن جي مخالفت ڪئي ٻيو اڃا ڇا ڪري؟خورشيد شاهه

سکر/روهڙي (ن ع آ/ پ ر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه اروڙ يونيورسٽي روهڙي ۾ افطار ڊنر تقريب ۾ شرڪت ڪئي پنهنجي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته يونيورسٽي ۾ گلن جي نمائش ڏسي دلي خوشي محسوس ڪئي هن چيو ته سندس ڪوشش آهي ته يونيورسٽين سان گڏوگڏ پورو شهر به خوبصورت بڻايو وڃي خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن ادارا چاهين ته شهرن کي خوبصورت بڻائي سگهن ٿا نه ته حالتون بد کان بدتر ٿينديون وڃن ٿيون پاڻي جي کوٽ تي ڳالھائيندي هن چيو ته پاڻي اسان جي زندگي آهي ۽ ان بابت اڳ ۾ ئي معاهدا ۽ ورهاست ٿي چڪي آهي هن انڪشاف ڪيو ته پاڻي جو مسئلو گهٽ ۾ گهٽ 150 سال پراڻو آهي جيڪو آهستي آهستي حل ٿيندو رهيو پران کي هاڻي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي،وفاق بچائڻ چاهيون ٿا،صدر ڪئنالن جي مخالفت ڪئي آهي اڃا ٻيو ڇا ڪري؟ هن چيو ته سندن پهرين ترجيح پاڪستان ۽ وفاق آهي ڇو ته جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته پنج يا ڏهه لک ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ جو به ڪو فائدو نه ٿيندو بلوچستان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق کي ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ گهرجي بلوچستان جو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻو پوندو، تقريب دوران اروڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر زاهد کڻڊ سيد خورشيد شاهه کي يونيورسٽي ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي شيلڊ پيش ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.