حيدرآباد / ڪراچي (نمائندا) سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، حيدرآباد ۾ جي ڊبليو سي جي سڏ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي حيدر چوڪ، گول بلڊنگ کان ٿيندي ريلي پريس ڪلب پهتي، جتي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، احتجاج ۾ شريڪ ماڻهو ڪئنالن جي تعمير، سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ سوڌو سنڌ دشمن منصوبن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪري رهيا هئا. ريلي جي اڳواڻي جي ڊبليو سي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ظفرهڪڙو، ضلعي حيدرآباد جي صدر نياز وگهيو. جنرل سيڪريٽري فهيم ٻٻر، فيروز ٻٻر، عقيل ٻرڙو ڪري رهيا هئا، ريلي دوران ملاحن علامتي ڄار هڻي روڊ تي مڇي ماري، جڏهن ته درياهه روئي ڏنو جي نالي سان رفيق عيساڻي ٿيٽر پيش ڪيو، ڌرڻي کي خطاب اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف سڄي سنڌ جو عوام هڪ ٿي سنڌ جا سمورا ھاءِ ويز بند ڪرڻ پوندا ۽ اهي ھاءِ ويز تيسيتائين بند رهن جيسيتائين وفاق ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو واپس نه ٿو وٺي، ريلي ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر بدر چنا، پنهل ساريو. هاءِ ڪورٽ بار جو صدر اياز تنيو، ڪي بي لغاري، مير نهڙيو، اندر جيت لوهاڻو، نويد جروار، آبادگار اڳواڻ زبير ٽالپر، محمد شريف نظاماڻي، وومين چيبر آف ڪامرس جي صدر شاهده غلام رسول راڄپر، سنڌياڻي تحريڪ جي عمرا سمون، حسنا راهوجو، عوامي تحريڪ جو اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، عبدالڪريم ٽالپر، عبدالواحد سنگراسي، فهيم نوناري، نعمت کهڙو، رفيق مگسي، بشير احمد سيٺار، غلام رسول ٽالپر، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين اسحاق سميجو، عبدالوهاب منشي، ايس ٽي پي جي حاڪم زادي، رضياچاچڙ، پ پ اڳواڻ فرحين مغل، پي ٽي آءِ اڳواڻ نازش فاطما، ڄام فريد لاکو، جاني خاصخيلي، حاجي رحمت الله ساند، ساجن پنهور، عبدالمجيد منگي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب دوران ڪئنالن خلاف هلندڙ جدوجهد جي حوالي سان تجويزون ڏيندي چيو ته سنڌو تي ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي سنجيده ۽ گڏيل جدوجهد جي سخت ضرورت آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جا سمورا رستا مڪمل بند ڪرڻ جو گڏيل اعلان ڪيو وڃي. ريلي ۾ اهو به اعلان ڪيو ويو ته عيد جي ڏينهن عيد گاهن ۾ نماز دوران سنڌوَ جا عاشق ڪاريون پٽيون ٻڌي سخت احتجاج ڪن. جڏهن ته مقررن پنهنجي تقريرن دوران پنجاب طرف ويندڙ رستا روڪ لاءِ سنڌ جي مختلف قومي شاهراهن کي بند ڪرڻ تي اتفاق ڪندي ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪندڙ سمورين ڌرين کي گڏيل احتجاج ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي، هوڏانهن ٻيلو شھر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو، ضلعي آرگنائيزر پنھل سولنگي، زين سومرو، جبار ٻجورو، ڪريم ھالو، رياض امر ٻجورو، عزيز چوھاڻ، غلام رسول سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الفيصل چوڪ کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب ٻيلو آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي عزيز چوھاڻ، آفتاب ٻجورو، ڪريم ھالو، رشيد آزاد سومرو، مشتاق ٻجورو، راحيل انور سومرو، رزاق سھتو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، لکي غلام شاھه ۾ جسقم اڳواڻ سميع بلالي جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ بعد سکر شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، نوابشاھ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي سماجي اڳواڻن ياسين خاصخيلي، اڪرم علي خاصخيلي، اختيار حسين تنيو، عبدﷲ گھمرو، لعل چند لوھاڻو، لياقت علي بروهي، طارق حيسن چنڙ، علي گل زرداري، اسد علي رند، شھزاد خاصخيلي ۽ ڄام خان خطاب ڪيو.