فيصل آباد(م ڊ) فيصل آباد ۾ ڦورن پاران ڦر دوران عورت سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف،خبر موجب ڦورن موٽروي تي زال مڙس کي روڪيو،مڙس کي رسن سان ٻڌي عورت سان اجتماعي زيادتي ڪئي،ساندل ٿاڻي تي ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو ته ٽن ڄڻن منهنجي زال کي زيادتي جو نشانو بڻايو،موبائل فون ۽ روڪ رقم به ڦري ورتي،ٻئي پاسي پوليس 6 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي،پوليس مطابق واقعو ٻه ڏينهن اڳ پيش آيو،عورت جو ميڊيڪل ۽ واقعي واري هنڌ جي جيوفينسنگ ڪئي وئي آهي.