حيدرآباد( رپورٽر )حيدرآباد ۾ سنڌو درياھ مان ڪئنالن ڪڍڻ خلاف 10 اپريل تي آل پاڪستان لائيرز ڪانفرنس گهرائڻ جو اعلان ٽيم عاصمه جھانگير سنڌ ۽ ضلعي بار حيدرآباد جي خزانچي رميز ابڙو، علي عاجز آڪاش، فاطما ٽالپر ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌو درياھ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف 10 اپريل تي آل پاڪستان لائيرز ڪانفرنس ڪرائي ويندي ملڪ کي ٺاهڻ وارن ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو وڪيل هئا موجوده صورتحال کي ڏسي ڪري سڀني کان وڌيڪ تڪليف پن وڪيلن کي ٿي رهي آهي ڪانفرنس ذريعي سنڌو مان نڪرندڙ غيرقانوني ڪينالن کي مڪمل طور رد ڪيو ويندو