ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن ( ايڇ آر سي پي ) جي چيئرمين اسد اقبال بٽ، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ايڊووڪيٽ خالق جوڻيجو. مزدور اڳواڻ ناصر منصور، ڊاڪٽر رياض شيخ، وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ مهناز رحمان،بيريسٽر صلاح الدين،عورت اڳواڻ نزهت شيرين ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته بلوچستان مسئلي جوسياسي حل ڪڍيو وڃي، گمشدگين جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، ڊاڪٽر ماهه رنگ، سمي دين بلوچ کي بنا شرطن جي آزاد ڪيو وڃي،سنڌ جي ماڻهن جي احتجاجن جو احترام ڪندي سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ جو منصوبو ختم ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان واضح اعلان ۽ يقين ڏياريو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زرعي زمينن تي قبضي جو منصوبو ختم ڪيو وڃي، هنن چيو ته ملڪ ۾ پيڪا سميت اظهار جي آزادي خلاف سمورا ڪارا قانون ۽ پاڪستان کي سخت رياست بنائڻ جون پاليسيون ختم ڪيون وڃن، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ سرڪاري زمينون بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن،هنن چيو ته ملڪ ۾ جاري انساني حقن جو بحران ختم ڪيو وڃي،رياستي جبر ۾ اضافي،طاقت ذريعي اختلاف راءِ کي دٻائڻ،صحافتي آزادي تي پابندين ۽ طرز حڪمراني تي اسٽيبلشمينٽ جي وڌندڙ اثر رسوخ شديد عوامي بيچيني کي جنم ڏنو آهي،صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جون جبري گمشدگيون هاڻي سخت ڳڻتي جو سبب بڻجي چڪيون آهن، هنن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڪ پي پي پي سينيٽر جي پٽيشن صرف هڪ ڏيکاءُ آهي،26 هين ترميم بعد ڪورٽن جي آزادي ختم ڪئي وئي آهي، ان ڪري ان قسم جون پٽيشنيون بي اثر آهن،هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ بعد ملڪ ۾سياست ۾ فوجي مداخلتن جمهوريت کي ڪمزور ڪيو آهي۽ هاڻي ملڪ جي هر شعبي ۾ فوجي مداخلتون وڌي ويو آهن، گرين انيشيٽيو جي نالي تي ملڪ جي معدنيات، زراعت، زمينن ۽ ٻين وسيلن تي ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ فوجي ادارا قبضو ڪري رهيا آهن سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو ته بلوچستان ۾ جاري ڪشمڪش دراصل بلوچن جي حقن جي جدوجهد آهي،جيڪا هاڻي بغاوت جي شڪل اختيارڪري چڪي آهي۽ رياست ان جو سياسي حل تلاش ڪرڻ لاءِ انهن کي دهشتگرد قرارڏئي انهن خلاف طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي، بلوچ عورتن کي روڊن تي گهلي انهن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ مذهبي انتها پسندي کي ماڻهن خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.هنن وڌيڪ چيو ته افغان طالبان جي مسئلي تي آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن، ڪي پي ڪي جي صورتحال به خراب ٿي چڪي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف سان جاري ڪشمڪش سياسي بحران کي جنم ڏنو آهي ۽ پارليامينٽ بي وس آهي، روزمره جي زندگي جون اڻ پوريون ضرورتون، مهانگائي، نجي ادارن جي ملازمن جي پگهارن جي عدم ادائيگي،سوشل سيڪيورٽي ۽ پينشن جا مسئلا موجود آهن، ان صورتحال ۾ ملڪ اندر رياست کي عوامي فلاحي رياست بڻائڻ جون پاليسيون ٺاهيون وڃن،هنن چيو ته جمهوري طرز حڪمراني جي جاءِ تي اسٽيبلشمينٽ جي وڌندڙ ڪردار وٺي ڇڏي آهي،گرين انيشيئٽو جهڙا منصوبا ڪارپوريٽ ۽ عسڪري ادارن کي ملڪ جي قدرتي وسيلن تي غيرمنصفاڻو ڪنٽرول فراهم ڪري رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مقامي برادريون نظرانداز ٿي رهيون آهن،عدليه ۾ سياسي مداخلت جي الزامن قانوني نظام تي عوام جي اعتماد کي به سخت نقصان پهچايو آهي،هنن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ مخالف ڌر هيل تائين ملڪ جي مستقبل تي انتهائي ضروري اتفاق راءِ قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن،پارليامينٽ جو ڪردار محدود ٿي چڪو آهي