وزيراعظم سنڌ جي عوام جو آواز ٻڌي ڪئنال رٿا واپس وٺڻ جو اعلان ڪري:مراد علي شاهه

ڪراچي(م ڊ)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واضح لفظن ۾چيو آهي ته صدر آصف زرداري ڪئنال رٿا جي منظوري ناهي ڏني،هن کي منظوري ڏيڻ جو اختيار ئي ناهي،مخالفن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته  مون کي هڪڙي ڳالهه ٻڌايو ته ڪهڙو پراجيڪٽ صدر آصف علي زرداري يا ڪنهن ٻئي صدر منظور ڪيو آهي؟ ملير ايڪسپريس وي يا ٿر ۾ رٿائن جي منظوري صدر ناهي  ڏيندو،صدر جو واسطو ناهي هوندو،ڊان ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر زراعت ۾ دلچسپي رکي ٿو، 8جولاءِ تي ميٽنگ ٿي هئي،6ڪئنالن مان ٻه پراڻا آهن، ڪڇي ۽ ريڻي پراڻا آهن،ٻه ڪئنال سنڌ ۾ آهن اهي به اسان نه پيا ٺاهيون،انهن جي ته ڳالهه ئي ناهي، هن چيو ته چولستان ۽ چوبارا ڪئنال لاءِ صدر منظوري ناهي ڏني،صدر کي بريفنگ ڏني وئي هوندي،صدر زرداري چيو ته ايترو سٺي رٿا آهي ته صوبن سان ڳالهايو،ارسا منظوري ڏني آهي ته مان حمايت ڪريان ٿو،هن کي پس منظر جي خبر نه هوندي،جڏهن صدر آصف زرداري جي منٽس آف ميٽنگ کي ايترو سياسي بڻايو ويو ته پوءِ  صدر آصف علي زرداري ڪنهن بند ڪمري ۾ نه پر پارليامينٽ ۾ پوري قوم آڏو چيو ته هي رٿا مون کي منظوري ناهي،هاڻي شيون واضح ٿي ويون آهن،ڪئنال اشو تي پ پ خلاف مهم هلي رهي آهي،هن چيو ته اهو معاملو ايڪنڪ ۾ ويو ته مون نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي خط لکيو هو ته توهان ان جي منظوري نه ڏيو،جون ۾ سنڌ حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي،سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي اهو اجلاس ناهي ٿيو،سي سي آءِ اجلاس هر ٽن مهينن بعد ٿيڻ گهرجي،پنجين گڏجاڻي ٿيڻ گهرجي هڪ به ناهي ٿي، پاڻي جا معاملا سي سي آءِ ۾ ويندا آهن، جيستائين فيصلو نٿو ٿئي ڪئنال نٿا ٺهي سگهن،ارسا پاران پاڻي منظوري واري فيصلي کي اسان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ چئلينج ڪري رکيو آهي هن چيو ته پنجاب حڪومت گرين پاڪستان تحت چولستان ۾وڏي زمين ڏني آهي اتي ايگري مال ٺهي رهيا آهن،ٽيوب ويلن ذريعي پاڻي ڪڍيو پيو وڃي،سٺي ڳالهه آهي،پر ڪئنال ڪو به ناهي ٺهيو،اتي سيڙپڪارن لاءِ 500 فوٽ جي کوٽائي ڪئي وئي آهي،هن چيو ته مان وزيراعظم کي اپيل ڪندس ته صدر زرداري جي پارليامينٽ واري تقرير،سنڌ اسيمبلي جي قرارداد تي غور ڪري ۽ سنڌ جي ماڻهن جو آواز ٻڌي ڪئنال رٿا واپس وٺڻ جو اعلان ڪري، سنڌ ۾ اپوزيشن هجي يا پ پ سمورا ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن،ڪا به شئي ٺهندي ته اها اتفاق راءِ سان ٺهندي،هن چيو ته صحافي نثار کوکر هڪ هنڌ تي منهنجي ميڊيا سان ڳالهين دوران هڪ ڳالهه ته ڪئنال ڪٿي ٺهي رهيا آهن ان کي ناڪاري انداز ۾ وائرل ڪيو ،مان ٻيهر چوندس ته نه چولستان نه ئي چوبارا ڪئنال ٺهي رهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.