سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ خلاف سنڌين جي قومي تحريڪ عروج تي پھچي ويئي، سنڌ ڌرتيءَ جو ڪو اھڙو ڳوٺ، ڪو شھر، ڪو واھڻ ۽ ڪا وستي اھڙي نه رھي جتي سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڀرپور مظاھرا نه ٿي رھيا ھجن. سنڌين جو ڪو اھڙو طبقو نه رھيو، جيڪو ھن قومي تحريڪ جو حصو بڻيل نه ھجي. ھاري، آبادگار، وڪيل، ڊاڪٽر، شاگرد، شاگردياڻيون، عورتون، نياڻيون، سڀ روڊن تي نڪري ھڪڙو ئي نعرو بلند ڪري رھيا آھن ته ”سنڌوءَ تي وڌيڪ ڪئنال نامنطور“ ايتري حد تائين جو اسڪولي ٻارڙن پنھنجن امتحاني پرچن مٿان به اھو لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ” سنڌوءَ تي وڌيڪ ڪئنال نامنظور“
سنڌي قوم جي ھيءَ سجاڳيءَ واري تحريڪ پارٽي وابستگين ۽ نظرين کان گهڻو مٿانھين ٿي چڪي آھي، ھيءَ تحريڪ سنڌ جي وجود ۽ بقا کي بچائڻ جي تحريڪ بنجي چڪي آھي، ھيءَ تحريڪ خوشحال سنڌ کي ھٿرادو معاشي بدحاليءَ، بک ۽ بيروزگاريءَ خلاف مزاھمت جو اھڃاڻ بنجي چڪي آھي، ھي تحريڪ مرڪز جي نالي تي 78 سالن کان سنڌ جا حق ڦٻائڻ، سنڌ جي وسيلن جي ڦُرلُٽ، سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضن ۽ حڪمرانن پنھنجن ذاتي مفادن خاطر تين وال ڪرڻ خلاف ھڪ سگهارو آواز بنجي چڪي آھي، پر سنڌ جا حڪمران، سنڌي قوم جي موڊ جو صحيح ادراڪ ۽ اندازو لڳائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويا.
حڪمران ڌر پاران متضاد بيانن ذريعي ھن تحريڪ کي دٻائڻ جون ڪوشش ڪندي رھي آهي، سندن حڪم تي نياڻين ۽ شاگردن تي لٺ بازي ٿي چڪي آهي، ڪوڙا ڪيس به ڪري ڏٺائون، ڪيسن جون ڌمڪيون به ڏيئي ڏٺائون. قلم 144 به لاڳو ڪري ڏٺائون، پر سنڌي قوم ھن تحريڪ آڏو ٻڌل ھر بند کي ڀورا ڀورا ڪندي، اڳتي وڌندي رھي، تڏھن سنڌ ۾ ويھي چوندا رھيا ته اسان به چئون پيا ته اسان ڪئنالن جي خلاف آھيون ته پوءِ تحريڪ ھلائڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي، اھو مسئلو ”آئيني فورمن تي“ حل ڪيو ويندو. ڪڏھن پيا چون ته گرين پاڪستان انيشيٽيو جو پروگرام اسان جو آھي، ڪڏھن پيا چون ته ڪئنال ڪونه پيا ٺھن، ڪڏھن چون پيا ته ڪئنال ٺھيا ته اسان وزيراعظم خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آڻيدا سين ته وري ڪڏھن پيا چون ته اسان کي ”جمھوريت کپي ئي کپي“ تنھن ڪري اسان ڪنھن به صورت ۾ اھڙو قدم نه کڻندا سين، جنھن سان جمھوريت ختم ٿي وڃي. ٻين لفظن ۾ کڻي ايئن چئجي ته ” اسان ھر حالت ۾ اقتدار سان چنبڙيا رھڻ چاھيون ٿا.
اھي سنڌ جا حڪمران جڏھن سموريون اٽڪلون ڪرڻ باوجود تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا تڏھن پاڪستان جي صدر پارليامينٽ جي اجلاس ۾ چيو ته ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ جي خدشن جي ڪري وفاق کي تشويش آھي، تنھنڪري آئون ھن منصوبي جي حمايت نٿو ڪري سگهان، پر ان کان اڳ ھو جيڪو ڪري چڪو ھو، سو قوم اڳيان اچي چڪو آھي، ان کي ھتي ورجائڻ جي ضرورت ناھي. جڏھن ان مان به سندن ڪم نه ھليو ته وري سنڌ اسيمبليءَ مان ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ٺھراءُ پاس ڪري ڇڏيائون. ان جي باوجود جڏھن سنڌي قوم پنھنجا اڳتي وڌايل قدم پوئتي نه ھٽايا، تڏھن سندن ساهه نڙي ۾ اٽڪي پيو ۽ جيڪي چوندا رھيا ھئا ته ڪئنالن جي اڏاوت خلاف تحريڪ ھلائڻ جو ڪوبه تُڪ ڪونھي، ھيءُ مسئلو آئيني فورمن تي حل ٿيندو، اھي پاڻ خانا پوريءَ لاءِ سنڌو درياهه تي ڇھن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف رستن تي اچي ويا آھن
مراد علي شاهه اعتراف ڪري چڪو آھي ته ” ھن فقط سنڌ جي 52 بنجر زمين، گرين پاڪستان لاءِ الاٽ ڪئي آھي“ سنڌي قوم کانئس اھو سوال پڇڻ جو به حق رکي ٿي ته جيڪي ماڻھو ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي حفاظت نه ڪري سگهن ۽ ڌرتيءَ کي ايمان جو جُز سمجهڻ بدران ”بنجر زمين“ سمجهن، ڇا انھن کي سنڌ جو حڪمران سڏائڻ جو حق حاصل آھي؟ ڇو ته جنھن پارٽيءَ وٽ، سڀ کان وڏو عھدو پاڪستان جي صدر جو ھجي، جنھن پارٽيءَ وٽ ٻن صوبن جا گورنر ھجن، جنھن پارٽيءَ وٽ ٻن صوبن جون حڪومتون ھجن ۽ وفاقي حڪومت جنھن پارٽيءَ جي سڱن تي بيٺل ھجي، اھا پارٽي پنھنجي طاقت سان سنڌ دشمن رٿا کي رد ڪرائڻ بدران وڏيءَ معصوميت سان رستن تي نڪري، ڪئنالن جي تعمير جي مخالفت جو ناٽڪ رچائي رھي ھجي. افسوس جو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌي قوم کي اھو ڏينھن به ڏسڻو پيو پئجي.
حقيقت ۾ سندن اھو عمل، سندن سنڌ سان سڄڻائپ بدران، سنڌي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ھڪ وڌيڪ ناڪام ڪوشش ۽ سندن نا اھليءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. جيڪي ماڻھو سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا ھجن، جيڪي ماڻھو سنڌ ڌرتيءَ جي مقدس زمينن کي ” زمين جو بنجر ٽڪرو قرار ڏيئي، ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ويا ھجن، جيڪا ماڻھو سنڌ جي معدنيات، قدرتي وسيلن، ٻيٽن، روزگار ۽ زراعت کي بچائڻ ۾ ناڪام ويا ھجن، ڇا انھن کي اڃا به سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جو حق حاصل آھي؟
ھن وقت حالت اھا آھي ته بدين، ٺٽو ۽ ماتلي سميت سنڌ جي ھيٺاھين علائقن سميت اتر سنڌ جي گهڻن علائقن کي فصلن پوکڻ کان روڪيو پيو وڃي، پاڻيءَ نه ملڻ سبب سنڌ جا بيٺل فصل تباهه ٿي رھيا آھن. انسان ۽ جانور اڃ وگهي مري رھيا آھن. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ نه ھئڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين کي کائي رھيو آھي، سامونڊي جيوت ختم ٿي رھي آھي، تمر جا ٻيلا تباهه ٿي رھيا آھن ۽ سامونڊي طوفانن جا خطرا وڌي رھيا آھن. پر اسان وارا حڪمران سڳورا ” روم جل رھا ٿا اور نيرو بينسري بجا رھا ٿا“ جي مصداق رانديون کيڏي رھيا آھن! اھڙين حالتن ۾ به ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي، پاڻيءَ بابت انگن اکرن تي صوبن پاران خدشن باوجود بنا نتيجي ختم ٿيو وڃي.جڏھن ته واپڊا جو چيئرمين کليل لفظن ۾ چئي چڪو آھي ته اسان سنڌو درياهه تي جيڪي ڇهه ڪئنال ٺاھي رھيا آھيون، ان منصوبي ۾ پيپلز پارٽي ھنن سان شامل آھي، ھاڻي پيپلز پارٽي اعتراض ڪري پئي ته اھو سندس مسئلو آھي. پر ان کان به وڌيڪ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف ۽ سڌ سما واري وفاقي وزير عطا تارڙ اھو چئي پيپلز پارٽيءَ جي اڃا به وڌيڪ پت وائکي ڪري ڇڏي آھي ته، ڪئنالن واري معاملي تي نه مسلم ليگ ۽ نه پيپلز پارٽي شامل آھن، پر اھو منصوبو انھن جي حوالي ڪيو ويو آھي، جيڪي ملڪ جي اصل اقتدار جا ڌڻي آھن. نه فقط ايترو پر انرجي وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ قومي اسيمبليءَ جي فلور تي بيھي پيپلز پارٽيءَ کي للڪاري ٿو ته ” ھمت آھي ته ھن پروجيڪٽ لاءِ ڏنل زمينون واپس وٺن ۽ ھن منصوبي کي رد ڪرائن، پر پيپلز پارٽيءَ وٽ ايڏي وڏي فورم تي به ھن پاران ايڏي وڏي چئلنج جو جواب ڏيڻ جي ھمت نٿي ٿئي. اھڙي صورتحال ۾ اسان جي عيوضين جي رحم جوڳي حالت تي افسوس ڪرڻ کان سواءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي.
اھا ڳالهه ياد رکڻ جي ضرورت آھي ته ھاڻي به سنڌي قوم جي جذبن کي سمجهن، رڳو رستن تي اچي، جذباتي ڳالھيو ڪرڻ بدران نمائندگيءَ جو صحيح حق ادا ڪري ثابت ڪن ته ھو سنڌ وطن سان سچا آھن، ھاڻي انھن وٽ فقط ٻه رستا بچيا آھن. ھڪ ته گرين پاڪستان انيشيٽيو منصوبي لاءِ ڏنل سنڌ جون سموريون زمينون فوري طور واپس وٺن ۽ ھر صورت ۾ سنڌوءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا کي رد ڪرائي، پنھنجي ساک بحال ڪن، اقتدار جي اصل ڌڻين کي به اھو ٻڌائڻ پيپلزپارٽيءَ وارن جي ذميواري آھي ته سنڌ، پاڪستان اوھان جي لاءِ نه پر پنھنجي خودمختياريءَ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ھو، پوءِ ڀلي ان لاءِ وزيراعظم خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آڻڻي پوي يا سندن اقتدار جي قرباني ڏيڻي پوي. يا وري سنڌوءَ مان ڇھن ڪئنالن ڪڍڻ واري رٿا جي مڪمل حمايت جو چٽو اعلان ڪري، سنڌي قوم سان پنھنجا ناتا هميشه لاءِ ٽوڙي ڇڏين.سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو ته وفاق لاءِ ايتري خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي ويندي، جنھن جو موجودہ حڪمران تصور به نٿا ڪري سگهن. ڇوته سنڌي قوم ھاڻي ھن جدوجهد تان ڪنھن به صورت ۾ ھٿ ڪونه کڻندي.