سنڌ جي پرامن احتجاج کي نظرانداز ڪرڻ غلطي هوندي

تحرير: پروفيسر گل محمد سومرو

ورھاڱي کان اڳ پاڪستان تحريڪ ۾ اھم ڪردار سنڌ صوبي جي مسلمانن جو آھي. سنڌ اھو صوبو آھي جنھن ۾ پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي مسلمانن جي حڪومت ٺھي چڪي ھئي. جڏھن ته ھن وقت جي پاڪستان ۾ چئني صوبن مان سنڌ صوبي جي تاريخ، ٻولي، ثقافت ۽ قدرتي ذخيره تاريخ ۾ ھڪ اھم مقام رکن ٿا. پر قيام پاڪستان کان پوءِ کان ھن وقت تائين وفاق جو رويو سنڌ صوبي سان ھڪ ويڳي ماءُ جيان آھي. جڏھن ته ان حقيقت کان پوري دنيا واقف آھي ته سنڌ صوبو ظاھري طور تي وفاق جي ھيٺ آھي پر تجارتي سطح تي سنڌ صوبو وفاق کي ھلائي رھيو آھي. ان جي باوجود به وفاق ھر موڙ تي سنڌ صوبي کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

ويچار ڪجي ته ھن ملڪ جو بنيااد ھڪ آزاد ملڪ جي حيثيت لاءِ نه پر ملڪ جي ذخيرن ۽ اثاثن تي قبضو ڪرڻ لاءِ مخصوص ھڪ مسلمان گروھ جي سازش ھئي جنھن تحت ظاھري طور ھن ملڪ جي عوام کي آزاديءَ جو لباس پارائي جديد طريقن سان تباھيءَ جي ڪُن ۾ ٻوڙڻ جي ھڪ ٺھي ٺڪي سازش ھئي. ائين چئجي ته ورھاڱي کان اڳ انگريزن ۽ ھندن مسلمانن جا حق ضبط ڪرڻ ۽ کين غلام بڻائي رکڻ لاءِ ڪانگريس جي نالي سان ھڪ پارٽي جو بنياد رکيو ۽ ظاھري طور اھو واضع ڪيو ويو ته ڪانگريس پاڪ ھند جي عوام جي حقن جي حصول لاءِ ڪم ڪري رھي آھي پر اڳتي ھلي ان جو اصل چھرو واضع ٿيو ته اھا پارٽي صرف ۽ صرف ھندن ۽ انگريزن جي حقن لاءِ ڪم ڪري رھي آھي. بلڪل اھڙي طرح قيام پاڪستان کان پوءِ ملڪ جون جيڪي به سياسي، مذھبي، سماجي پارٽيون، سرڪاري ادارا ۽ حڪمران اھي سڀ صرف ۽ صرف پنھنجي مفادن لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن. انھن مڙني جو ملڪ ۽ ملڪ جي عوام سان ڪو به تعلق ۽ ڏيڻ وٺڻ نه آھي.

اھو جيڪو به ٿي رھيو آھي اھو سڀ وفاق جي ھڪ سازش آھي. جنھن تحت ملڪ کي تباھيءَ ڪناري پھچايو ويو آھي. ملڪي تاريخ جي 78 سالن ۾ سڀ کان وڏو نقصان بنگلا ديش جو ڌار ٿيڻ آھي. پر وفاق کي ملڪ جي تباھيءَ سان ڪو به تعلق نه آھي وفاق ھر موڙ تي صرف پنھنجي ذاتي مفادن کي ئي  ترجيح ڏني آھي. ذڪر ڪجي قدرتي ذخيرن جو ته اھي به وفاق وٽ ايترا نه آھن، جيترا سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ آھن.

دنيا جي سڀ کان وڏي ڪوئلي جي کاڻ سنڌ صوبي ۾، سمنڊ سنڌ جي سر زمين تي، ٻيلا، قدرتي وسيلا، گئس ۽ ٻين ڪيترين ئي نعمتن سان سنڌ جي سر زمين مالا مال آھي. پر ھن وقت تائين وفاق سنڌ جي ذخيرن مان فائدو حاصل ڪيو آھي پر سنڌ کي ڪنھن به قسم جو فائدو پھچائڻ لاءِ ڪا به پاليسي ناھي جوڙي. ھن وقت وفاق سنڌ کي ڪچلڻ جون تمام حدون پار ڪري چڪو آھي ۽ وفاق جي اھڙين سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن پاليسين کان سنڌ جو ٻچو ٻچو واقف ۽ بيزار ٿي چڪو آھي. ڪڏھن ون يونٽ ته ڪڏھن گورنر راڄ، ڪڏھن سنڌ جي ٻيٽن تي َقبضو ته ڪڏھن ڪارونجھر تي قبضو، ڪڏھن سنڌ جي معدنيات تي قبضي ڪرڻ جي دعويٰ ته ڪڏھن سنڌ جي سرڪاري ادارن کي پنھنجي تحويل ۾ ڪرڻ جھڙيون ڪريل حرڪتون، سنڌ جا ڪيترا ئي ادارا ھٿن سان تباھيءَ ڪناري پھچائي نيٺ انھن کي خانگي بڻايو ويو. اسٽيل مل جيڪو نه رڳو سنڌ جو سرمايو ھو پر ملڪ جو ھڪ انمول اثاثو ھو ان کي سازشن تحت وفاق بري طريقي سان تباھ ڪري ڇڏيو.

سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ جو مطلب سنڌو درياھ کي ھٿن سان خشڪ ڪرڻ ۽ خاص طور تي سنڌ جي سر زمين کي پاڻيءَ جي ھڪ ھڪ قطري کان محروم ڪرڻ برابر آھي. ان ڪري سنڌ جو عوام ھاڻي با شعور ٿي چڪو آھي. برداشت جون تمام حدون ختم ٿي چڪيون آھن، وفاق ناجائزي ۽ نا انصافيءَ جون سڀ حدون اورانگھي چڪو آھي. ھو پنھنجي ذاتي مفادن جي انڌ جي گھوڙي تي سوار ته آھي پر ھو انجام کان بلڪل بي خبر آھي اھي تمام سازشون ان حقيقت کي ظاھر ٿيون ڪن ته 1970ع واري تاريخ ٻيھر دھرائبي  وفاق کي گھرجي ته سڀني صوبن کي گڏ ھڪ اصول تحت کڻي ھلي پاڪستان جي آئين تحت ھر ڪم سرانجام ڏئي. صرف پاڪستان پنجاب نه آھي بلڪه سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواھ به پاڪستان جا صوبا آھن. انھن صوبن جو به اوترو ئي حق آھي جيترو پنجاب جو آھي. ان ڪري وفاق کي ھوش ۾ اچڻ گھرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.