هونئن ته هر انسان تي پنهنجي ڌرتي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ فرض آھي پر ڪي انسان اهڙا هوندا آھن جيڪي وطن پرستي کي عبادت سمجهندا آھن غفار ڀٽي به وطن پرستي کي عبادت سمجهندڙن مان هڪ هيو. غفار ڀٽي ورڪر به هيو ته اڳواڻ به هيو، مزدور هجڻ ڪري مرڪزي عهدي جي ڪڏھن تمنا نه ڪيائين پر ڪم مرڪزي عهديدارن کان وڌي ڪندو هيو، جڏھن به سرڪار طرفان قومي ڪارڪنن تي سختيون ٿينديون هيون ته اول غفار ڀٽي جي گهر تي ڪڙو چڙھندو هيو يا گرفتار ٿيندو هو. جڏھن پيپلزپارٽي سرڪار سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي نظام مڙھيو تڏھن غفار ڀٽي تي سراج درياني جي بنگلي تي ڪريڪر حملي جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيو پر جدوجهد تيز ٿيڻ ڪري پ پ کي اهو ٻٽي بلدياتي نظام وارو فيصلو واپس وٺڻو پيو، پر غفار ڀٽي ۽ ٻيا ڪارڪن سالن جا سال ان ڪيس کي منهن ڏيندا رهيا.
غفار ڀٽي اصل شھدادڪوٽ جو هو پر ڪافي عرصو اڳ خاندان شڪارپور لڏي ويو، تنهن ڪري غفارڀٽي جي سڃاڻپ ئي شڪارپور شھر سان ٿي وئي. جڏھن به حڪمران سنڌ خلاف ڪو فيصلو ڪندا هيا ته غفارڀٽي اڪيلي سر احتجاج ڪرڻ نڪري پوندو هو، شھر جي چوئڪ تائين بهچڻ تائين پويان سوين هزارين ماڻھون گڏجي پوندا هئا، ڇو ته غفارڀٽي سچو ۽ بااصول قومي ڪارڪن هو.
هن سرزمين سنڌ جي بقا جي جنگ وڙھندڙ سرويچ انسانن کي سنڌي قوم عقيدت جو حقدار بڻايو آھي شڪارپور شھر جڏھن قبيلائي جھيڙن جي آڙاھ ۾ سڙڻ لڳو، تڏھن غفارڀٽي کي سڏڪا ڀري روئندي ڏٺو هڪ ڏينهن اسان رات جو دير سان شڪارپور پهتاسين پهچڻ جو اطلاع صرف شھيد قيوم منگي جي ڀاءُ عمران منگي کي ڏنو عمران معمول موجب پڇيو ته گهڻا دوست آھيو، مون چيو ته چار آھيون اسان جڏھن اوطاق تي پهتاسين ته ڪجهه ئي دير بعد غفار ڀٽي اچي پهتو رات جا 12 ٿي رهيا هئا، مون غفار کي چيو يار تون ڇو تڪليف ڪئي تون مزدور ماڻھو آھين آرام ڪرين ها. صبح جو سوير توکي روزگار به ڪرڻو آھي ته هڪدم چيائين مون کي اوهان جي اچڻ جو اطلاع نه هو پر روز هن مهل اوطاق تان چڪر هڻي پوءِ سمهندو آھيان ته متان ڪو قومي ساٿي آيو هجي مون هن جي اها ڳالهه ٻڌي غفار ڏي ڏسندو ئي رهيس ته اهڙا قومي ڪارڪن تمام ٿورا هوندا آھن جيڪي پنهنجي ساٿين پنهنجي دل ۾ اچڻ جي ايتري اُڪير رکندا هجن.
مون جڏھن به غفار ڀٽي کي ڪنهن پروگرام ۾ ڏٺو ته سدائين جهنڊي سان ڏٺو غفار ڀٽي چوندو هيو ته جيئي سنڌ جو جهنڊو سنڌي مظلومن جو علم آھي اهو ڪڏھن به هيٺ نه هجڻ گهرجي. دوست ٻڌائيندا هئا ته جڏھن جنوري ۾ سائين جي سالگرهه يا اپريل ۾ سن لاءِ قافلو نڪرندو هو ته اڪثر غفار ڀٽي ڪوچ ۾ بيٺو هلندو هيو پاڻي جو جڳ هٿ ۾ هوندو هيس سڄي واٽ ڪوچ ۾ سن هلندڙن کي پاڻي پياريندو ۽ سار سنڀال لهندو هلندو هو. غفار ڀٽي ۾ ٻي وڏي خوبي اها به هئي ته 12 مهينن جي ڪمائي مان هڪ مهيني جي ڪمائي سن هلندڙ دوستن تي خرچ ڪندو هو.
هو سنڌ ڌرتي جو عاشق ته هيو ئي پر سنڌ سان محبت ڪندڙ هر سنڌي جو به عاشق هيو، غفار ڀٽي جڏھن ڪنهن جلوس يا ميڙ کي خطاب ڪندو هيو ته آخري سٽون تڪيو ڪلام هونديون هيس ته سنڌ آھي ته اسان سنڌي به آھيون سنڌ نه رهندي ته اسان سنڌي به ختم ٿي وينداسين. جڏهن شڪارپور، سکر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ يا جيڪب آباد سميت ڪنهن علائقي ۾ قبيلائي جهيڙا ٿيندا ها ته پنهنجي پارٽي جيئي سنڌ محاذ جي قيادت کي امن ڪرائڻ ۽ ميڙ منٿ قافلي لاءِ پهرين ڪال غفار ڀٽي جي ايندي .هاڻ جڏھن به شڪارپور وڃڻ ٿيندو آھي ته منگي هائوس جي اوطاق تي ڪمري ۾ غفار ڀٽي جي لڳل تصوير ڏسندي ان جون محبتون ان جا ٺھڪ ان جي جدوجهد ان جي سچائي ان جي ناز نوڙت اسان جي ذهن ۾ واسا ڪري لهي پوندي آھي.
غفار ڀٽي جڏھن حيات هوندو هيو ته صبح جو اک کلڻ سان غفار تي نظر پوندي هئي شھيد قيوم منگي طرفان جوڙايل لوهي ڪرسين تي اسان جي اُٿڻ جو انتظار ڪندو هو مان هن کي ڏسندي ئي چوندو هيس ته غفار اڄ روزگار تي ناهين ويو ڇا چوندو هيو روزگار ته سڀاڻي به ڪري سگهندس پر اوهان سان ڪچهري نه ڪنديس ته دل کي سڪون نه ايندو. اهڙا قومي ڪارڪن پنهنجي ڌرتي سان گڏ پنهنجي دوستن ساٿين سان به اهڙو پيار ڪندا آھن مهينو ڏيڍ اڳ شڪارپور وڃڻ ٿيو رات جو ڪچهري ڪندي غفار ڀٽي جو ذڪر نڪرڻ وقت اسد الله سومرو روئي پيو سڏڪندي چيائين يار اسان غفار ڀٽي کان بنا اڌورا آھيون غفار ڀٽي اسان سڀني کي سنڀالي هلندو هو دوستن ۾ ڪا نا اتفاقي يا ناراضگي ٿيندي هئي ته غفار ڀٽي هڪدم اچي ڀاڪر ڀارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو. غفار ڀٽي ٻڌي ايڪي تي يقين رکندڙ دلبر دوست قومي ساٿي هو، غفار جو وڇوڙو پارٽي لاءِ وڏو نقصان آھي