يا ته ڪئنال رهندا يا شهباز حڪومت سان اتحاد رهندو: نبيل گبول

ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي اڳواڻ نبيل گبول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يا ته اسان مخالفت ڪريون يا حڪومت کان ڌار ٿيون، اسان حڪومت ۾ به هجون، حمايت به ڪيون ۽ مخالفت به ڪيون، اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سڀني ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جو هڪجهڙو موقف آهي. نبيل گبول وڌيڪ چيو ته يقين آهي ته بلاول ڀٽو زرداري 4 اپريل تي حتمي اعلان ڪندو ته يا ته ڪئنال رهندا يا شهباز شريف جي حڪومت.جيڪڏهن ڪئنالن تي ڪم بند نه ٿيو ته پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.