راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس جنازي نماز راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازينماز ۾ صدر، وزيراعظم، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جنرل عاصم منير جي ڪٽنب جي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سميت اهم شخصيتن آرمي چيف سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ اڳواڻن به آرمي چيف سان سندس ماءُ جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو.