ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي ماسٽر پلان تي عمل نه ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻين کان 8 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، ايس بي سي اي جي وڪيل چيو ته اسان کي درخواست جي ڪاپيون نه مليون آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو اسان سڀني کي ڪاپيونڏنيون آهن، انهن جا صحيح به موجود آهن، ڪافي وقت کان درخواست التوا هيٺ آهي، درخواستگذار چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ماسٽر پلان ٺاهيو ويو هو، 18آڪٽوبر 2018ع جو اسٽريٽجڪ ماسٽر پلان جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو هو، ماسٽر پلان ورلڊبئنڪ ،ايشين بئنڪ سميت 20 ادارن ٺاهيون هو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو آهي .