حڪومت خيبرپختونخوا ۾ موجود افغان شاگردن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت خيبر پختونخوا حڪومت کان صوبي ۾ موجود افغان شاگردن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.
گهرو وزارت جي سيڪيورٽي سيل طرفان صوبائي گهرو سيڪريٽري کي خط موڪليو ويو آهي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين قومي سيڪيورٽي سيل طرفان پرڏيهين جي ڊيٽابيس کي اپڊيٽ ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ صوبي ۾ موجود افغان شاگردن جا تفصيل 27 مارچ تائين مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته پاڪستاني حڪومت غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙن ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، جن جي نيڪالي ۾ 7 ڏينهن باقي آهن.
پاڪستان ڇڏيندڙ غيرقانوني افغان شهرين جو انگ 8 لک 76 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ واپسي جو عمل جاري آهي.
حڪومت طرفان 31 مارچ تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي ۽ خاطري ڪرائي وئي آهي ته ان عمل دوران ڪنهن سان به زيادتي نه ڪئي ويندي.
حڪومت طرفان واپس ويندڙن لاءِ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون پڻ مهيا ڪيون ويون آهن، جڏهن ته مقرر ڪيل تاريخ کانپوءِ غيرقانوني طور رهندڙ شهرين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.