سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن واڌ کانپوءِ اڄ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 8 سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 17 هزار اٺ سئو رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 686 رپيا لاٿ بعد 2 لک 72 هزار 462 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 6 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 هزار 21 ڊالرز ۾ وڪامي رهيو آهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.