ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف پيپلز پارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ ڪارڪنن سان گڏ ضلعي قيادت ۽ اسيمبلي ميمبرن به شرڪت ڪئي.
پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن لاڙڪاڻو، بدين، نوابشاهه، گھوٽڪي، جيڪب آباد، ڪنڌ ڪوٽ، نوشهروفيروز، بدين، ٿرپارڪر ۽ ڄامشورو سميت مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا.
احتجاج ڪندڙن جو مطالبو هو ته پاڻي جي ورڇ ۾سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌو درياهه تي ڪنهن به تڪراري ڪئنال واري رٿا کي ختم ڪيو وڃي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ جو منصوبو صوبي کي بنجر ڪرڻ جي سازش آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.