احمد نوراني جي کنڀيل ڀائرن جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ احتجاج

اسلام آباد(مطيع الله جان)اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي پاران صحافي احمد نوراني جا ٻه ڀائر کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيوويو جنهن ۾ صحافين به شرڪت ڪئي، احمد نوراني جي ڀيڻ  چيو ته ٻن ڀائرن کي تشدد ڪري کنڀيو ويو، رياست کي سبق سکڻ گهرجي، ماڻهو انصاف ۽ قانون لاءِ عدالت به نه وڃن ڇا؟احمد نوراني جي امڙ چيو ته چوڻ ۾ ته هي مسلمان ملڪ آهي پر ڪو به اسلامي قانون ناهي،ڪنهن جي به عزت ناهي،هي فوجستان ته ناهي جنهن جو جيڪو دل ڪري ڪندو وتي،يا پاڪستان بدران هن جو فوجستان نالو رکيو وڃي،هن چيو ته منهنجا ٻچا کنڀيا ويا آهن،ڪير به انهن کي بازياب ڪرائي ڏيڻ وارو ناهي،ايمان مزاري چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هاڻي عجيب شيون ٿي رهيون آهن،حبس بي جا جي درخواست لڳڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا،جڏهن اها درخواست لڳي ٿي ته جج صاحب جي روئي مان لڳو هو ڪو وڏو احسان ڪري رهيو هجي،احمد نوراني جي پيرسن امڙ عدالت ۾ روئي رهي هئي،عدالت به اغوا ڪندڙن جي سهولتڪار بڻيل آهي،اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪورٽ پيڪنگ ۽ مئنجمينٽ جي مذمت ڪريون ٿا،طاهره عبدالله چيو ته رياست ٻڌائي ته برطانوي راڄ ۽ 2025ع ۾ ڪو فرق آهي يا نه؟توهان پاڪستان کي بنانا ريپبلڪ بڻائي ڇڏيو آهي،اسان محب وطن پاڪستاني ڪيستائين اهو ڏسندا رهنداسين،ڪو به ادارو ڪم نه پيو ڪري،صحافي اعزاز سيد چيو ته احمد نوراني جي ٻن ڀائرن جو صحافت سان ڪو تعلق ناهي، هنن ڪو ڏوهه به ناهي ڪيو،ڪنهن خبر جي ڪري اهي متاثر بڻجي ويا آهن،مون کي لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ قانون ختم ٿي ويو آهي اڄ اسان فاتحه پڙهڻ آيا آهيون،حبس بي جا جي پٽيشن ۾ عدالت به سرينڊر ڪري ويٺي،جيڪا عدالت مسنگ پرسنز معاملي ۾ وزيراعظم کي گهرائيندي هئي اها عدالت نون ٿاڻي آڏو سرينڊر ڪري ويٺي آهي،ائين ته قبائلي علائقن ۾ به ناهي ٿيندو،هن چيو ته مون کي هن احتجاج ۾ گهٽ صحافي نظر آيا آهن، اظهر جتوئي چيو ته احمد نوراني جي خاندان سان خراب ٿي رهيو آهي،هي ملڪ قانون جي حڪمراني سان ئي هلي سگهي ٿو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.