اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي احمد نوراني جي ٻن ڀائرن جي بازيابي لاءِ سندس والده جي درخواست تي آءِ جي اسلام آباد 26 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس انعام امين منهاس ايس ايڇ او جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي آءِ جي کي سڏائي ورتو آهي، وڪيل ايمان حاضر مزاري چيو ته پنجن ڏينهن کان جيڪڏهن هي ڪيس داخل نه ٿا ڪن ته پوءِ جاچ ڪيئن ڪري رهيا آهن؟ واقعي کي ڇهه ڏينهن ٿي چڪا آهن پر پوليس اڃا تائين ڪجهه ناهي ڪيو، جج ريمارڪس ڏنا ته مان صرف پنهنجي اختيار مطابق حڪم ڏئي سگهان ٿو، وڪيل جو چوڻ هو ته هن ڪيس ۾ انٽيليجنس ايجنسيون ذميوار هجڻ گهرجن، هنن الزام لڳايو ته احمد نوراني جي ڀائرن کي ان جي تازي رپورٽنگ سبب اغوا ڪيو ويو آهي، جسٽس منهاس رمارڪس ڏنا ته اهڙو ڪو حڪم جاري نه ڪندس جنهن تي عمل درآمد نه ٿي سگهي، ٻڌڻي دوران احمد نوراني جي امڙ آمنا ۽ ڀيڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، آمنا عدالت ۾ روئندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي پٽن کي ڪجهه ٿيو ته ڇا عدالت ذميوار هوندي؟، ياد رهي ته فيڪٽ فوڪس نالي نيوز آئوٽ ليٽ سان لاڳاپيل آمريڪا ۾ رهندڙ صحافي احمد نوراني تازو هڪ اعليٰ فوجي عهديدار ۽ سندس رشتيدارن بابت هڪ تحقيقاتي رپورٽ شايع ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ احمد نوراني جا ٻه ڀائر، محمد سيف الرحمن حيدر ۽ محمد علي، بدھه جي صبح پنهنجي رهائشگاهه کان گم ٿي ويا، جنهن بعد احمد نوراني جي امڙ آمنا بشير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي ٻنهي پٽن جي بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن چيو ته احمد نوراني کي خاموش ڪرائڻ لاءِ اهلڪارن سندس ڀائرن کي جبري طور تي گم ڪيو آهي، عدالت آءِ جي اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو آهي،