اسلام آباد (سيد طلعت حسين) ماهه رنگ بلوچ کي ماهه رنگ بلوچ بڻائڻ ۾ رياست جون به غلطيون آهن، روايتي سياستدانن کي سائيڊ لائن ڪرڻ کانپوءِ ماهه رنگ اها جاءِ والاري. ماهه رنگ بلوچ کي ميڊيا اسپيس ۽ عالمي ڌيان مليو. هاڻي جڏهن به هو خطاب ڪري ٿي ته اتي هزارين ماڻهو هوندا آهن. ائين ناهي ته مسنگ پرسن ناهن پر مسنگ پرسن جي حوالي سان جيڪو احتجاج ٿيندو آهي انهن مان جوش ۽ جذبي وارن ڪارڪنن کي بي ايل اي لاءِ چونڊيو ويندو آهي. اهو سمجهيو وڃي ته بي واءِ سي رڳو بلوچستان جا ڏک بيان ڪري ٿي ته ائين ناهي. رياستي ڌرين موجب بي واءِ سي جي اڳواڻن جا بي ايل اي سان رابطا آهن. ماهه رنگ بلوچ اڄ تائين بي ايل اي جي ڪارروائين جي مذمت ناهي ڪئي. جيڪي حالتون آهن، انهن ۾ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. ٽي ٽي پي وارن کي اوهان دهشتگرد چوندا آهيو پر انهن سان به ته اوهان باقاعده ڳالهيون ڪيون هيون. اوهان ئي انهن کي آباد ڪيو هو، انهن سان ڳالهيون ڪري سگهو ٿا ته هنن سان ڇو نٿا ڪري سگهو؟ بلوچستان جي پراڻن معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.