معمول کان گهٽ برساتن سبب سوڪهڙي جو الرٽ جاري

اسلام آباد(م ڊ) موسميات کاتي ملڪ ۾ 62 سيڪڙو تائين معمول کان گهٽ برساتن جي نتيجي ۾ سوڪهڙي جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، پهرين سيپٽمبر 2024 کان 21 مارچ 2025 تائين معمول کان 40 سيڪڙو گهٽ برساتون ٿيون، جڏهن ته سنڌ ۾ معمول کان 62 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ معمول کان 52 سيڪڙو گهٽ برساتون رڪارڊ ٿيون، پنجاب ۾ معمول کان 38 سيڪڙو، خيبرپختونخوا ۾ معمول کان 35 سيڪڙو ۽ آزاد ڪشمير ۾ معمول کان 29 سيڪڙو گهٽ برساتون ٿيون، تازين برساتن سبب وچين ۽ مٿانهين واران علائقن ۾ سوڪهڙي جي صورتحال بهتر ٿي آهي، جڏهن ته سنڌ، بلوچستان جي ڏاکڻين حصن ۽ پنجاب جي اولهه ميداني علائقن ۾ سوڪهڙو جو مسئلو برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.