پ پ ٺٽو پاران دولهه دريا خان پل تي ڌرڻي جو اعلان

 ڀنڀور/ٺٽو: پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ڪيل فيصلي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي طرفان سنڌو درياء تان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سڀاڻي سنڌو درياءِ جي پُل دولھ دريا خان تي ڌرڻو ھنيو ويندو. ان سلسلي ۾ پ پ پ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ چيو آھي ته  سنڌو درياهه تي ڌاڙو ھڻي چولستان ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن جي منصوبي خلاف پ پ پاران سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا پيا وڃن، ٺٽي ۾ دولھ دريا خان پل تي احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو، محسن ھائوس ٺٽو کان پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي سميت صوبائي ۽ ضلعي ٺٽي جي قيادت جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪرندي، سنڌو درياء جي دولھ درياء خان پل تي پھچندي. ھن چيو ته  سنڌو درياهه  تي ڪوبه تڪراري ڪئنال قبول ناھي، اسان سمورن ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا ۽ ضلعي ٺٽي جي عوام کي اپيل ٿا ڪريون ته  ھوء وڌ ۾ وڌ ريلي ۾ شريڪ ٿي ايڪي ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.