زراعت تباهه ٿي وئي، انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو:جلال شاهه

ڀنڀور/ٺٽو: ايس ٽي پي ضلعي صدر سيد جلال شاھ چيو آھي ته  ٺٽي ۽ مڪلي نگر شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿي ويو، پاڻي جي مسلسلکوٽ سبب زراعت تباھ ٿي وئي آھي، زرعي زمينون مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويون آھن، آبي جيوت ۽ انساني زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. پاڻي جي شديد بحران سبب علائقن مان مالوند ماڻھن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري گھر ڪري وئي آھي، پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب پيئڻ لاءِ پاڻي اڻ لڀ آھي. ھنن چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو، پر لاڳاپيل انتظاميا ۽ هتان جي عوام جي ووٽن تان چونڊي ايندڙ سياسي نمائندن ڪوبه تدارڪ نه ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.