ڪئنال ٺهڻ سان سمنڊ لاڙ پٽي کي ڳڙڪائي ويندو:ياسر جاکرو

ڀنڀور/ٺٽو: قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو چيو آھي ته  ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ماڻھن کي پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، ٺٽي جي واھن ۾ واري اڏامي رھي آھي، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. ھن چيو ته  سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين چولستان مان 6 ڪينال ڪڍڻ سان ٺٽو سجاول، بدين ضلعن مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندا ۽ سمنڊ لاڙ پٽي کي ڳڙڪائي ويندو. سنڌو درياءَ تي نوان ڪينال ٺاهڻ جي منصوبي کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو، سنڌو درياھ سان سنڌ آھي ۽ 7 ڪروڙ انسانن جون زندگيون آھن ۽ ملڪ جي بقا آھي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.