ڀنڀور/ٺٽو: جسقم اڳواڻ اسد گوپانگ رابطي ڪرڻ تي چيو ته وفاق ۽مسلم ليگ جو سنڌ سان رويو انتھائي خراب آھي، مٿان وري چولستان،چوبارا ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ايڪٽو ٿي ويندا ته سنڌ سوڪھڙي ۽ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي، سنڌ جي جياپي جو مسئلو پيدا ٿي ويو آھي.ھن وقت جنگي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي، سنڌ جا ماڻھو روڊن تي سراپا احتجاج ڪري رھيا آھن، لڳي ٿو ته مسلم ليگ ن سميت پ پ جي ڪن تي جوءُ به نٿي سُري، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي سامونڊي پٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ۽ جر جو پاڻي کارو ٿي وڃڻ ڪري انسان، جانور، جيت ۽ پکي پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ ساحلي پٽي جي سوين ڳوٺن کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.