سمنڊ ٺٽي جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آھي:رزاق چانڊيو

ڀنڀور/ٺٽو: عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر رزاق چانڊيو چيو ته  ٺٽو ضلعو ملڪ جو پوڇڙ ۾ ھجڻ ڪري ھميشه آفتن کي منھن ڏيندو آھي، ھڪڙيون قدرتيآفتون آھن ۽ ٻيون وري ھٿراديون آفتون آھن، جيڪي ڪرپٽ حڪمرانن جي غلط پاليسين جو نتيجو آھن، ھن وقت ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ بحران جي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽي جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آھي، شاداب ۽ سرسبز علائقو اڄ ويرانين جو ڏيک ڏئي رھيو آھي. ھن چيو ته  سنڌو درياءِ تي ڪئنال ۽ ڊيم اڏجڻ بعد ھي علائقو تمام گھڻو متاثر ٿيو آھي، ڊيمن ۽ ڪئنالن وڏي تباھي آندي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.