ڀنڀور/ٺٽو: اڳوڻي ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي چيو آھي ته پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ سامونڊي پٽي جا ماڻهو ٻيٽن ۽ ڪريڪن تي غير قانوني بااثر ماڻهن جي قبضي سبب به سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن، روزگار جا وسيلا ختم ٿيڻ سبب سامونڊي پٽي خالي ٿيڻ لڳي آهي، لڏپلاڻ تيزيءَ سان جاري آهي ۽ سوين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ جو اڳتي وڌڻ آباد زمينون بنجر ڪري رهيو آهي، جنهن سبب تاريخي شهر کاروڇاڻ، سڄڻ واري، ڪيٽي بندر، ڳاڙھو، جھالو، جوھو ۽ گھوڙاٻاري سميت سامونڊي پٽي جا علائقا انساني آبادي کان خالي ٿي ويا آهن اتان جا ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور آهن انهن ماڻهنسدائين شيرازي برادرن کي ووٽ ڏنا آهن اقتدار ۾ هجون يا هجون انهن مظلوم ماڻهن کي هن ڏک جي گهڙي ۾ اڪيلو نه چڏبو ڪئنال ٺاهڻ بند نه ڪيا ويا ته دما دم مست قلندر ڪيو ويندو.