بغاوتن جو بنياد ۽ ڪامياب حڪمت عملي جي واٽ

تحرير: عبيدالله بحير

11  مارچ تي بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) جي ويڙھاڪن شدت ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي ھاءِ جيڪ ڪري ورتو.36 ڪلاڪن جي ڪڙي بعد پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز بي ايل اي جي ويڙھاڪن کي ماري ۽ سوين يرغمالين کي آزاد ڪرائي ورتو.سرڪاري بيان موجب ان آپريشن دوران گهٽ ۾ گهٽ اٺ شهري مارجي ويا.پاڪستاني اختيارين فوري طور تي افغانستان ۽ هندستان کي "دهشتگردي واري واقعي” جو ذميوار قرار ڏنو. هي ان ڳالھھ جو ھڪ ٻيو مثال آهي ته ڪھڙي طرح  پاڪستاني اختياريون پنهنجين ذميوارين کان بچڻ ۽ افغانستان سان لاڳاپن کي "دهشتگردي خلاف جنگ” جي نظرئي ھيٺ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.

ٽرين ھاءِ جيڪنگ کان ٽي مهينا اڳ پاڪستاني جنگي جهازن افغانستان جي خوست ۽ پڪتيڪا صوبن ۾ بمباري ڪئي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 46 ماڻهو مارجي ويا.مارجي ويلن مان ڪيترائي پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخواه جا هئا، جيڪي افغانستان لڏي آيا هئا.پاڪستان طرفان عالمي قانون ۽ افغان خودمختياري جي ڀڃڪڙي جو جواز ڏنو ويو تھ ھن  افغانستان ۾ لڪيل تحريڪ طالبان پاڪستان  جي ويڙهاڪن کي نشانو بڻائڻ لاءِ اھو عمل انجام ڏنو آهي. گذريل ٻن سالن کان، اسلام آباد ڪابل تي الزام لڳائي رهيو آهي،پاڪستان تي حملو ڪندڙ  "دهشتگردن” کي پاڪستان پناهه ڏئي رهيو آهي.

هي اهو ئي منطق آهي جيڪو آمريڪا پنهنجي ھٿ ٺوڪي "دهشتگردي خلاف جنگ” دوران اختيار ڪيو ھو.جنهن ۾ هوائي حملا، اغوا، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي شامل هئي. ان حڪمت عملي تحت آمريڪا سڄي دنيا ۾رياستي خودمختياري، عام خلق ۽ فوجي اهلڪارن جي وچ ۾ فرق، ردعمل ۽ دنيا جي جنگي قيدين جي حقن کي پائمال ڪيو ھو.آمريڪي فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين عام ماڻهن کي "سرگرم جنگجو” يا "اڻٽر جاني نقصان” طور نشانو بڻايو. نتيجو اهو نڪتو ته ڪجهه دهشتگرد حملن جي ڪري سڄي ملڪ ۽ ماڻهن کي سزا ڏني وئي ۽ اهو رجحان اڄ تائين جاري آهي.

افغانستان ۽ عراق مان آمريڪي فوجن جي نيڪالي باوجود، خطي ۾ اها پاليسي اڃان جئين جو تيئن جاري آهي ۽ پاڪستان جهڙا ملڪ ان جي پيروي ڪري رهيا آهن. ويھن  سالن جي آمريڪي قبضي دوران، پاڪستان افغان طالبان کي "دهشتگرد” تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن کي هر قسم جو پناهه ۽ مدد فراهم ڪئي ھئي ۽ اڄ وري  اهو ئي پاڪستان تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ تحريڪ طالبان افغانستان بکي "دهشتگرد گروپ” ۽ افغان طالبان حڪومت کي دهشتگردن جي سرپرست قرار ڏئي رهيو آهي.پاڪستاني اختياريون انهن گروهن کي سياسي مقصدن واي ڌر  طور  ڏسڻ ۽ انهن جي مطالبن تي غور ڪرڻ بدران صرف انهن کي "دهشتگرد” قرار ڏئي مسئلي کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون.

پاڪستان جو  اھو رويو اصل ۾ آمريڪي پاليسي جي ناڪامي مان سبق نھ سکڻ واري ڳالھھ  آهي. آمريڪا پنهنجن دشمنن کي "دهشتگرد” قرار ڏئي انهن سان ڳالهين جو ڪو رستو نھ ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ جنگ وڌيڪ ڊگهي ٿي وئي.طالبان ڪيترائي ڀيرا آمريڪا سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي، پر واشنگٽن 2021 تائين  ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو. آخرڪار 20 سالن جي ناڪام جنگ کان پوءِ، آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو ھڪ قسم جي شڪست جي اعتراف جي برابر هو.پاڪستان پڻ اھي ساڳيون غلطي ورجائي رهيو آهي. جيڪڏهن اسلام آباد بلوچ لبريشن آرمي  ۽تحريڪ طالبان پاڪستان کي ڳالهين جو موقعو نه ٿو ڏئي ۽ صرف طاقت جي ذريعي انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي ٿو، ته نتيجو اهو نڪرندو، جيڪو آمريڪا کي ڀوڳڻو پيو ھو.پاڪستان کي اها حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي ته بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جا ويڙھاڪ  ان جا ئي شهري آهن ۽ انهن جا واضح مطالبا آهن.حڪومت کي گھرجي تھ اھا انهن گروهن جي مطالبن کي ٻڌي ۽ ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڳولي. ان سان گڏوگڏ انهن علائقن ۾ عام شهرين جي مسئلن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي جتي اهي گروهه سرگرم آهن.پاڪستان کي پنهنجي سيڪيورٽي ناڪامين جو ذميوار  افغان طالبان حڪومت کي قرار ڏيڻ بند ڪرڻو پوندو ۽ افغانستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن پاڪستاني فوج ۽ حڪومت تاريخ مان سبق  سکڻ ۾ ناڪام ٿي ۽ آمريڪا جي نقش قدم تي هلندي طاقت ۽ اڳرائي واري لاڙي ڀاڙيو ته پوءِ امڪان آهي ته انهن جو به آمريڪا جھڙو ئي انجام ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.