جر جو زهريلو پاڻي ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي

تحرير: ثوبيا کوسو

چمبڙ تعلقو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي جتي تيل ۽ گئس جا کوهه آهن پر ضلعي انتظاميا جي نااهلي چئجي يا چونڊيل نمائندن جي هٺ ڌرمي جو چمبڙ جي صرف هڪ ئي ڳوٺ ۾ جر جو زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب ڪجهه ئي عرصي ۾ 17 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، اڄ آئون اوهان کي پنهنجي رپورٽر ڊائري ۾ چمبڙ جي هڪ اهڙي ڳوٺ جي باري ۾ ٻڌائيندس جنهن ڳوٺ جا ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۽ ڊيلٽا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

چمبڙ جي يوسي داد خان جروار جو ڳوٺ قادربخش رستماڻي جنهن ۾ جر جو پاڻي زهريلو بڻجي چڪو آهي ، ڳوٺاڻا مجبوري ۾ اهو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن ۽ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب انهيءَ هڪ ئي ڳوٺ جا ڪجهه ئي عرصي ۾ 17 ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۽ ڊيلٽا وائرس ۾ مبتلا ٿي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن ۽ 90 سيڪڙو ماڻهو انهن بيمارين ۾ مبتلا  آهن، فوت ٿيلن ۾ نوجوان ڇوڪريون، ڇوڪرا ۽ ننڍا ٻار به شامل آهن، پر افسوس انهي ڳالهه اها آهي ته چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا طرفان سڀ ڪجهه اکين سان ڏسندي، ٻڌندي به ان ڳوٺ وارن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو، ۽ نه ئي وري صحت کاتي طرفان انهيءَ ڳوٺ ۾ ڪو فلٽر پلانٽ لڳائي ڏنو آهي جو ڳوٺاڻا صاف ۽ مٺو پاڻي پي بيمارين وگهي مرڻ کان بچي سگهن. صحت ۽ چونڊيل نمائندن کي ملندڙ فنڊن کي ڇڏيو کڻي پر رڳو  چمبڙ ۾ تيل ۽ گئس جي کوهن جي رائلٽي جي ڳالهه ڪجي ته اها به ڪروڙن ۾ آهي پر اها رائلٽي ڪٿي ٿي خرچ ٿئي ڪا به خبر نٿي پئي، هڪ ڳوٺ لاءِ هڪ ننڍڙي آر او پلانٽ جي لاڳت لاءِ ڪيتري رقم گهربل هوندي آهي، وڌ ۾ وڌ ڏهه کان پندرنهن لک يا انهيءَ کان به گهٽ، پر هتي اها رقم بچائڻ ۽ ان ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي نيت سان ڪم نٿو ڪرايو وڃي ۽ ماڻهو بيگناهه مارايا ٿا وڃن.

17 ماڻهو ته صرف انهيءَ ڳوٺ ۾ فوت ٿيا آهن پر جيڪڏهن پوري يوسي جي ڳالهه ڪنداسين ۽ حساب ڪنداسين ته جر جو زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب فوت ٿيلن جو تعداد سوَن تائين اچي ويندو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جڏهن به چونڊيل نمائنده چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن ته اسان انهن کي سموري حقيقت بابت آگاهه ڪندا آهيون ۽ هر دفعي جيان هو صرف واعدو ڪري ويندا آهن ته بس اسان چونڊون کٽيون ته اوهان کي فلٽر پلانٽ لڳائي ڏينداسين پر چونڊ کٽڻ کانپوءِ هو اسان ڏي منهن ئي ناهن ڪندا ۽ جڏهن ڪنهن جي فوتگي ٿيندي آهي ته ايندا آهن ۽ چوندا آهن ته بس هتان رڳو اٿون مهيني کن ۾ مٺي ۽ صاف پاڻي جوبندوبست ڪري ٿا ڏيون پر سندن واعده صرف واعده ئي رهجي ويندا آهن.

تازو ئي چمبڙ جو مشهور ملهه پلهوان غلام شبير رستماڻي انهي ئي خراب پاڻي پيئڻ سبب پيٽ جي مختلف بيمارين سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو. چمبڙ جي يو سي داد خان جروار جي ڳوٺ قادر بخش رستماڻي آهي جتي جا رهواسي مسلسل فوت ٿي رهيا آهن، هڪ تڏو مس کڻن ٿا ته ڳوٺ جو ٻيو ماڻهو اسپتال پهچو وڃي.

يوسي داد خان جروار کي هڪ مهيني ۾ 10 لک روپيا فنڊ ملندو آهي انهن ڏهن لکن مان ٻه لک روپيا پگهارن ۽ يوسي جي ٻين ڪمن تي خرچ ٿي وڃن تڏهن به اٺ لک روپيا بچن ٿا، اٺ لک روپين مان پاڻي جو هڪ تلاءُ کوٽرائي سگهجي ٿو يا مني فلٽر پلانٽ لڳائي سگهجي ٿو، پر يو سي جا نمائنده به ووٽ وٺي وڃڻ کانپوءِ غائب آهن آئون وس وارن کي اپيل ٿي ڪيان ته يو سي داد خان جروار جي ڳوٺ قادر بخش رستماڻي ۾ آر او پلانٽ/ فلٽر پلانٽ لڳرائي ڏنو وڃي ته جيئن ڳوٺاڻا خطرناڪ بيمارين کان محفوظ رهي سگهن.

صحت ۽ چونڊيل نمائندن کي ملندڙ فنڊن کي ڇڏيو کڻي پر رڳو  چمبڙ ۾ تيل ۽ گئس جي کوهن جي رائلٽي جي ڳالهه ڪجي ته اها به ڪروڙن ۾ آهي پر اها رائلٽي ڪٿي ٿي خرچ ٿئي ڪا به خبر نٿي پئي، هڪ ڳوٺ لاءِ هڪ ننڍڙي آر او پلانٽ جي لاڳت لاءِ ڪيتري رقم گهربل هوندي آهي، وڌ ۾ وڌ ڏهه کان پندرنهن لک يا انهيءَ کان به گهٽ، پر هتي اها رقم بچائڻ ۽ ان ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي نيت سان ڪم نٿو ڪرايو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.