22 مارچ ”پاڻيءَ جو عالمي ڏينهن“ آهي. هن سال جو موضوع گليشيئر جو بچاءُ ڪرڻ بابت آهي. گذريل سال کان وٺي لڳاتار سنڌ لاءِ ھر ڏينهن”پاڻي لاءِ ڳڻتي ۽ سماجي تحريڪ“ جو ڏينهن رهيو آهي. رمضان مبارڪ، عيد جو انتظار، هولي، ايسٽر يا ڪو به ٻيو ڏڻ ھجي، سنڌ ”پاڻيءَ جي حقن لاءِ آواز“ کي پنهنجي ساهه سان سانڍيو اچي. گذريل سال وارو عالمي ڏينهن ”پاڻي ۽ امن“ واري موضوع تي هو، جنهن کي سنڌ چڱي ريت اپنائي پنهنجي پاڻيءَ جي حقن جي جدوجهد اهنسا جي گس تي هلندي هلائي رهي آهي. ملڪ هلائيندڙ مهندار هن اَمن ۽ شانتيءَ سان گڏيل سنڌوءَ جي پاڻي جي حقن جي جدوجهد کي پاڪستان جي بهتر ۽ پائيدار مستقبل لاءِ نه صرف اهم بلڪه ضروري سمجهي ورنائين. سنڌ پنهنجي هٿن ۾ گُل کنيو بيٺي آهي ۽ بنيادي انصاف واري وسيلن ۽ پاڻيءَ جي ورڇ گُهري ٿي! جنهن جو بندوبست آئين، قانون، پاليسين ۽ قاعدن ۾ ٿيل آهي.
سنڌو طاس تي ٽيهه ڪروڙ ماڻھن جو جياپو لاڳاپيل آھي. ان مان لڳ ڀڳ 19 ڪروڙ ماڻهو پاڪستان جا شامل آهن (سنڌو طاس ۾ هندستان، چين ۽ افغانستان پڻ ڀائيوار ملڪ آهن). سنڌ ته سنڌوءَ کانسواءِ بربٽ هجي ها! سنڌوءَ جي وهڪرن ۽ وجود جو دارومدار گليشيئرن کان وٺي ڊيلٽا تائين بچاءُ تي آهي.گليشيئر سولي سنڌيءَ ۾ برف جا جبل آهن. جيڪي ٻارنهن مهينا ئي وجود رکندا آهن. تبت پليٽيو (جنهن کي دنيا جي ڇت به چوندا آهن) سو جبلن جي اهم سلسلن ۾ گهريل آهي. ان ۾ هماليه، ڪراڪرم، پٽ پامير، ڪُنلن ۽ تائينتان شامل آهن. هماليه، ڪراڪرم ۽ هندوڪش جبلن جون ڪيئي چوٽيون ۽ گَهٽَ ۽ پکيڙ سنڌوءَ کي پاڻي ڏيندا آهن. گليشيئرن کي موسمياتي ڦيرگهير، ماحولياتي گدلاڻ ۽ عالمي طور وڌندڙ گرميءَ جي درجي (پد) جي ڪري تمام وڏا خطرا آهن. ساري دنيا جو 69 سيڪڙو مٺو پاڻي دنيا جي گليشيئرن (قطبن کان وٺي گرين لينڊ ۽ پوري دنيا ۾) جي اندر سمايل آهي. ڪئي سؤ صدين جي عمل مان گذري، قدرت اِهي پاڻيءَ جا خزانا جوڙيا آهن. جيڪڏهن برف جو مقدار پگهرجندڙ برف/پاڻي ۾ تبديل ٿيندڙ برف کان وڌيڪ هوندو ته وقت سان گڏ اِهي برف جا تهه ٺهندا ويندا، تهن جي وڌڻ ۽ دٻاءُ ڪري برف اَڃان وڌيڪ نهري ٿيندي ويندي، برفباري، وزن، دٻاءُ ۽ ٻين عملن جي نتيجي ۾ گليشيئرن جو وجود جُڙي ٿو!
سنڌو درياءُ گليشيئرن تي دارومدار رکندڙ ايشيا جو اهم درياهه آهي. جڏهن اِهي گليشيئر رِجن ٿا (پهرين سال ۾ پيل تازي برف ڳرندي آهي ۽ پاڻيءَ جا وهڪرا ٿي وهڻ لڳندي آهي) ته دريا جو پيٽ پاڻي کي ڏسي ٿو. سنڌوءَ ۾ ايندڙ پاڻيءَ جو 60 سيڪڙو انهن گليشيئرن ۽ برف جو هوندو آهي، جڏهن ته باقي پاڻي چؤماسي جي مينهن جو هوندو آهي. چؤماسو، مينهن جي تيزي، برف ۽ گليشيئرن جي مٿاهين تهن کي ڳرڻ ۾ مدد ڪندا آهن ۽ پاڻيءَ جا و ڏا وهڪرا سنڌوءَ مان رنڀون ڪندا وھندا آهن.
پوين ڪيئي ڏهاڪن جي اڏاوتي ڪمن جي نتيجي ۾ پاڻي مٿي ئي گهڻو ورايو ٿو وڃي ۽ هاڻ وري مٿي ورائڻ جا نوان سانباها چولستان، چؤبارا ۽ ٻين ڪئنالن وسيلي ڪيا اٿن، جنهن تي سڄي سنڌ هڪ آواز ٿي للڪار جي صُورت ۾ سڏ ۽ پڙاڏو پاڻ ئي ٿي پئي آهي! جيڪڏهن ٻارڻ جي عمل جي نتيجي ۾ ماحول ۾ شامل ٿيندڙ ڪاربان جي مقدار کي گهٽايو نه ويو، ٻيلا وڌايا نه ويا، ڊيلٽائن ۾ تمر جي ٻيلن جي واڌويجهه نه ڪئي وئي ته هي مالڪ جو جوڙيل پاڻيءَ جو خزانو آهستي آهستي پنهنجي مقداري وجود ۾ گهٽتائي آڻيندو ويندو. ان ڪري ضروري آهي ته دنيا جي دريائن جي طاسن کي پائيدار رکڻ لاءِ عالمي طور تي ۽ ملڪي طور تي جيڪي عالمي تحقيقن ۽ گڏيل قومن جي مختلف ادارن ذميواريون رکيون آهن، انهن کي پورو ڪيو وڃي.
سنڌوءَ سان لاڳاپيل گليشيئرن بابت مختلف سائنسي تحقيقون ۽ نتيجا سامهون آيا آهن. تحقيقن جي گهڻائي گليشيئرن جي رجڻ جي سطح ۽ نسبت کي وڌيڪ ٻُڌائي ٿو. گرميءَ جي وڌندڙ پد جي ڪري انهن جي پگهرجڻ جو تناسب انهن جي ٺهڻ واري مقدار کان وڌيڪ آهي. ان جي نتيجي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ دريائن جا وهڪرا چؤماسي ۾ وڌيل هوندا پوءِ آهستي آهستي گهٽبا ويندا تان جو 2100ع ۾ ان پاڻيءَ جو مقدار ٽيهه کان پنجاهه سيڪڙو گهٽجي ويندو.
پاڻي جي وسيلن ۽ دريائن جي وهڪرن جي ايڏي وڏي غير يقيني هوندي، ڪيڏي نه عجب ڳالهه آهي جو سنڌ جي ڏنل پائيداريءَ جي سڏ کي ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن چولستان، چؤبارا ۽ نون جُڙندڙ ڪئنالن خلاف سنڌ جي جدوجهد ۽ مقصد کي ڏسنداسين ته ان مان اُهي ئي پيغام ملندا، جيڪا عالمي تحقيق ۽ ادارا پاڻيءَ جي وسيلن ۾ پائيداري آڻڻ لاءِ چئي رهيا آهن. اچو ته سنڌ جي ان پيغام تي غور ڪيون:
- ڇاڪاڻ ته پاڻي محدود آهي ۽ وقت سان گڏ ان ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ان ڪري وڌيڪ پاڻي ورائي نوان واهه نه ڪڍيا وڃن.
- دريائن جي پوري طاس کي سمجهڻ ضروري آهي. گليشيئرن جو ۽ ڊيلٽا جو وجود دريائن جي وهڪرن ۽ دريائن جي پنهنجي وجود لاءِ اڻٽر آهي، ان ڪري مٿي کان هيٺ تائين پوري سرشتي کي ڏسي ڪي به غير پائيدار قدم نه کڻو.
- چولستان جو ايڪو سسٽم اُتان جي اصلي رهاڪن، ٻه لک سٺ هزار کان مٿي آبادي، پندرنهن لکن کان وڌيڪ جانور (مال ۽ مالوندن) جياپي جو سامان آهي. ان کي عام ماڻهن کان کسي، ڪجهه سرمائيدارن جي حوالي نه ڪيو. ان سان ڪاربن گهٽائڻ جي جاءِ تي ڪاربن جي مقدار ۾ واڌارو ٿيندو.
- شموليت واري ترقيءَ جو عالمي ماڊل ڏسو، جيڪو غربت ختم ۽ گهٽ ڪرڻ لاءِ اهم آهي. گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ٻين مٿين علائقن ۾ صدين جي نتيجي ۾ جُڙندڙ ٻيلا ۽ وڻڪار کي ڪپي ڪٽي پڌر نه ڪيو. ان جي ڪري اُتان جي علائقن ۾ گرميءَ جو پڌ وڌيو آهي. اُتي ٻارڻ جو ۽ ٻيون سهولتون ڏيو ته جيئن ٻيلا ۽ جهنگ وڌي سگهن. ايئن ڪرڻ سان ئي گليشيئرن جي بچاءُ ۾ مدد ملي سگهندي.
- جَرَ (گرائونڊ واٽر ۽ ايڪوفر) پڻ پاڻيءَ جي سرشتي جو اهم حصو آهي. چؤماسي ۾ انهن ۾ پاڻي وجهڻ/اوتڻ جا عمل ڪيو. سولر ۽ ٻين پمپن سان، انهن کي کُٽائڻ واري روش کي ختم ڪرڻ کپي.
- بجاءِ نون زمينن کي آباد ڪرڻ جي، جيڪي زمينون اڳ ئي ڪمانڊ ۾ آيل آهن، جن مان تقريباً سڀني جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي نٿو پهچي، اُتي انصاف ڀري ورڇ ڪريو، في ايڪڙ پاڻي جي مقدار جي حساب سان پيداواري سگهه وڌايو، زمينن جي سنوت ڪريو، ٻج ۽ ڀاڻ ۾ نواڻ آڻي غريب غربي تائين پهچ ممڪن ڪيو، گهٽ پاڻي کڻندڙ، وڌيڪ اُپت ڏيندڙ جنسن کي اڳتي کڻي اچو. وڏن ماڻهن کي پنهنجي حق کان وڌيڪ پاڻي نه ڏيو ۽ غريب لاءِ ڪجهه رستا آسان ڪريو.
- طرز حڪمرانيءَ ۾ انصاف ڀري ورڇ جا بنياد وجهو، ايندڙ نسلن جا وسيلا، اسان کي پنهنجي پيٽ ۾ نه وجهڻا آهن اِهو سمجهون. طرز حڪمراني ۽ انصاف مٿان کان بهتر ٿيندو آهي ۽ اُتان ئي بهتري جي شروعات ڪيو.
- سنڌ جي سڏ کي ورنايو، ڪو به نئون واهه نه ڪڍو، هن ملڪ جي وحدانيت سڀن صوبن لاءِ اُتم آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي ڳالهه کي هنڊايو ته ٻيلي ڪجهه لک ايڪڙ مٿي آباد ڪري، سي به وڏن ماڻهن جا، هيٺ ڪيئي لک ايڪڙ غير آباد ڪري نٿا سگهجن. سنڌوءَ جي پوري وجود کي گليشيئرن کان وٺي ڊيلٽا ۽ ڪريڪن تائين مقدم سمجهي گڏجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي بچائڻ جي سڏ کي هر ڪنهن کي هاڪاري ورنائڻو آهي.