1991ع ٺاهه ۾ ڪڇي ۽ ريڻي جو حصو نه هجڻ باوجود پنجاب روز 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ لڳو

ڪراچي:پاڻي بابت 1991ع واري معاهدي مطابق ڪڇي ۽ ريڻي ڪئنال جو پاڻي جو ڪو حصو ئي ناهي پر هن وقت روزاني جي بنياد تي پنجاب بلوچستان کي پيئڻ جي پاڻي جي نالي تي 500 ڪيوسڪ پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي اهڙي عمل خلاف سنڌ سرڪار توڙي ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي .

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران تڪرارن جي حل لاءِ متبادل سينٽر قائم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ پاران تڪرارن  جي حل جي لاءِ متبادل سينٽرٺاهي ڇڏيو آهي سنڌهاءِڪورٽ ڊسٽرڪٽ اوڀر ۾ ميڊيئشن سينٽر ٺاهڻ جو نوٽيفڪشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ،سينيئر سول جج سيد فرازعلي زيدي ۽مسنر تمينه کي اضافي ذميواري ڏني وئي آهي .نوٽيفڪشن ۾ چيو ويو آهي ته ججن کي تڪرارن جي متبادل حل جي حوالي سان تربيت به ڏني ويندي .ميڊيئشن سينٽر عدالتن جي سفارش تي تنارعي جي متبادل حل جي لاءِ ڪم ڪندي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.