سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف سورهيه بادشاهه جهڙي مزاحمت جي ضرورت آهي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي عظيم سپوت، انقلابي اڳواڻ ۽ وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو هڻي هزارين حُرن سان گڏ شهادت جو جام پيئندڙ سيد صبغت الله شاهه راشدي المعروف شهيد سورهيه بادشاهه جي 82 هين ورسي جي موقعي تيشهيد سورهيه بادشاهه ايڪشن ڪاميٽي پاران حيدرآباد پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ “شهيد سورهيه بادشاهه ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن، اڳواڻن، حر جماعت سان تعلق رکندڙ ڌرين، اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سينيئر قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻي خطاب ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو قومن جي آجپي، خوشحالي ۽ خودمختياري جي لاءِ ميدان عمل ۾ هوندا آهن اهي ئي قومن جا حقيقي هيرو هوندا آهن. وقت جي ضرورت آهي ته تاريخ جي ورڪن ۾ لڪل اهڙن عظيم ڪردارن ۽ هيرن جي ڳولا ڪري انهن جي قربانين تي کين مڃتا ڏيڻ جي لاءِ هن قسم جا پروگرام ڪريون. اسان کي چٽو ڪري سنڌ جي هيرن بابت پنهنجو موقف پيش ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان جي قوم پاڻمرادو بڻيل هيرن جي پٺيان پنهنجو وقت ۽ توانائي ضايع نه ڪري. ته سنڌ اڄ به غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، سنڌ کي ڪالوني بڻائي وسيلن، زمين، پاڻي ۽ جبلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، سنڌو درياهه کي سڪائي هو سنڌ کي وڌيڪ برباد ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ماڻهن کي ڊگهي غلامي ڏانهن ڌڪڻ گهرن ٿا. بدر چنا چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه، سائين جي ايم سيد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي سنڌ جا اهي هيرا آهن جن جي فڪر ۽ عمل جديد قومپرستي جي آبياري ڪئي. هن چيو ته سنڌ ڏکي حالت ۾ آهي. هن وقت سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ جي زمينن کي وڌيڪ بنجر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا ماڻهو هر سنڌ دشمن منصوبي خلاف مزاحمت ڪندا. سنڌو درياهه جو جياپو اسان جي زندگي ۽ موت ڳالهه آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه وطن خاطر انگريز سامراج سان ٽڪر کاڌو ۽ سختيون برداشت ڪري شهادت ماڻي، انگريز سامراج سان ويڙهه ڪندي حُرن جون ڏنل قربانيون سنڌ لاءِ هيون. هو سنڌ کي خوشحالي ۽ خودمختيار ڏسڻ چاهيندا هئا. منصور قادر جوڻيجو چيو سنڌ هر دور ۾ مزاحمت ڪئي آهي، سنڌ شهيد سورهيه بادشاهه جهڙن ڪردارن تي فخر ڪري ٿي. صحافي فقير منٺار مڱريو چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه شهادت جو عظيم رتبو حاصل ڪندي اسان جو ڳاٽ اوچو ڪيو. صحافي عاجز منگي چيو ته شهيد سورهيه جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ ضرورت آهي. شهيد سورهيه بادشاهه کي ننڍي ڄمار ۾ گرفتار ڪري جيل ۾ رکي مٿس ڪيس هلائي ڦاهي جي سزا ڏني وئي، پر هو انگريزن آڏو نه جهڪيو. ان موقعي تي واحد ڪانڌڙو، ايوب لغاري، ادريس جتوئي، عبدالشڪور ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي، سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري فيصلي کي سنڌ جا ماڻهو رد ڪري چڪا آهن، ان ڪري حڪومت ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي. شهيد سورهيه بادشاهه بابت سرڪاري سطح تي تحقيقي ادارو قائم ڪري شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت واري ڏهاڙي تي کيس مڃتا ڏيڻ جي لاءِ سرڪاري سطح تي موڪل جو اعلان ڪرڻ سان گڏ سيمينار ۽ پروگرام ڪرايا وڃن. ڊائو يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪري ان کي شهيد سورهيه بادشاهه جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي.

شهيد سورهيه بادشاهه کي 82 هين ورسي تي ڀيٽا پيش

ڀرياسٽي/جروار/ميرپورماٿيلو(نمائندا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ جيئندو ڪيريو ۾ فقير بشير احمد ڪيريو ، فقير ارشاد ڪيريو،  خليقالرحمان ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد سورھيـ بادشاھ جي 82 ھين ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ حر جماعت جي عقيدتمندن شرڪت ڪئي تقريب ۾ سندس تصوير آڏو ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪري زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شھيد سورھيـ بادشاھ جون ملڪ ۽ سنڌ لاءِ ڏنل  قربانيون ياد آھن، هوڏانهن جروار ڀرسان تاريخي حرن جي لوڙھي تي سورھيه بادشاھ پيرسائين پاڳاري جي ورسي ملھائي وئي فنڪشنل ليگ جا ڪارڪن ۽ حر فقير حرن جي لوڙھي جي آسارن تي پھچي سورھيه بادشاھ کي ڀيٽا ڪئي اڳواڻن فقير غلام رسول فقير عيسا بوزدار فقير جان محمد مھر ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سنڌ جي تاريخ شاھد آھي ته جڏھن به غير يا غاصب ڪڙڪندا آھن ته تڏھن سنڌ ڌرتي جا جوڌا سرويچ سورھيه ميدان تي لھندا آھن، هوڏانهن جسقم ضلع گهوٽڪي طرفان شھيد سورهيه بادشاه جي 82.هين ورسي ملهائي وئي ،جسقم ڪارڪنن جسقم هائوس ھوشو لانڍي تي شهيد سورهيه بادشاهه،سائين جي ايم سيد شهيد بشير خان قريشي شهيد مقصود خان قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو جي تصويرن آڏو گل رکي ميڻ بتيون ٻاري گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ.ميرحسن لاشاري،جساف اڳواڻ شاهزيب سميجو، سلمان سنڌي يوسف بوزدار ۽ ٻين چيو ته شھيد سورهيه بادشاه انگريز سامراج خلاف وطن سنڌ جي آزادي لاءِ آزادي يا موت وطن يا ڪفن جو انقلابي نعرو هڻي  تاريخي گوريلا جنگ ڪئي پر پوئتي ڪونه هٽيو.

اڄ سنڌ کي ٻيهر سورهيه بادشاهه جي فڪر تي هلڻ جي ضرورت آهي:عمرڪوٽ ۾ ڪانفرنس

عمرڪوٽ ( غلام مصطفيٰ مهر ) پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ شهيد سورهيه بادشاهه ايڪشن ڪميٽي سنڌ ضلعي عمرڪوٽ پاران شهيد سورهيه بادشاهه ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ڊپٽي ڪنوينر شمس مڱريو خطاب ڪندي چيو ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪري سورهيه بادشاهه يونيورسٽي رکيو وڃي، 20 مارچ تي سرڪاري سطح تي عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي، شهيد سورهيه بادشاهه جي قبر مبارڪ جي سرڪاري سطح تي نشاندهي ڪئي وڃي، ان موقعي تي عمرڪوٽ بار جي صدر شريف ڀيل چيو ته اڄ جو دور تقاضو ٿو ڪري ته هر سنڌي گهر مان سورهيه بادشاهه جهڙي جدوجهد جنم وٺي، وطن يا ڪفن جو نعرو صرف ماضي نه، پر حال ۽ مستقبل جي راهه آهي، ايس ٽي پي اڳواڻ ميهار بنگلاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جن ماڻهن حر تحريڪ جي جدوجهد ۾ روڙا اٽڪايا، انهن جا نسل اڄ به سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، ڪانفرنس ۾ ايڊووڪيٽ ميان گل منير ولهاري زور ڏيندي چيو ته اڄ سنڌ کي ٻيهر سورهيه بادشاهه جي فڪر تي هلڻ جي ضرورت آهي فنڪشنل ليگ اڳواڻ محب مڱريو واضح ڪيو ته اسان سورهيه بادشاهه جا وارث آهيون ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش جي مزاحمت ڪنداسين، شاعر حاجي ساند جذباتي لهجي ۾ چيو ته حر تحريڪ سنڌ جي دفاع لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، پر افسوس جو اڄ سنڌ جي زمين کي سڪائڻ لاءِ زبردستي ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، حافظ مهراڻ خطاب ڪندي چيو ته هاڻي سنڌ سورهيه بادشاهه کي سڃاڻي رهي آهي مير حسن آريسر چيو ته سورهيه بادشاهه جهڙا هيرا سنڌ جي تاريخ کي نئين رخ تي آڻي بيهاريندا آهن، هاڻ حقيقتن کي لڪائڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي، سنڌ جا وارث اڄ به پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ تيار آهن، پروگرام ۾ ولي مهر، سردار ڀيل، راڻو رابيل، هرچند ساگر، امتياز ڪنڀر، ڀليڏنو راڄڙ، ايڊووڪيٽ امر چند، مگهارام سوٽهڙ ۽ ٻين سياسي، سماجي، ادبي ۽ مذهبي شخصيتن شرڪت ڪئي،

سنڌڙي ۾ سورهيه بادشاهه جي ورسي جي حوالي سان پيادل ريلي

سنڌڙي (ن ع آ) ڌرتي جي اعظيم سپوت  انگريزن خلاف حر تحريڪ جي صورت ۾ تاريخي ويڙهاند ڪندڙ امام انقلاب شھيد اعظيم پير سيد صبعت الله شاهه راشدي المعروف شھيد سورھيه بادشاهه جي 82 يوم شھادت جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪرڻ لاءِ گورمنٽ بوائز ڪيمپس هاءِ اسڪول دلبر مھر جي استادن ۽ شاگردن ۽ سورھيه بادشاھ ايجوڪيشن اينڊ اسپورٽس ويلفيئر فورم ميرپورخاص پاران اسڪول کان ڊي ايم مھر اسٽاپ تائين پيادل ريلي ڪڍي وئي شھيداعظيم کي سلامي ۾ نعري بازي ڪئي وئي ۽ سنڌ دشمن ڇهھ ڪينالن خلاف شديد نعري بازي ڪئي   ريلي جي اڳواڻي ھيڊ ماستر ڪئمپس اسڪول دلبر جي هيڊ ماستر شير محمد درس  ڊي ايم مھر فقير مکڻ مھر اسڪول جي سموري اسٽاف شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي کي ھيڊماستر اسڪول ۽ سورھيه بادشاھ فورم جي اڳواڻ شير محمد درس خطاب ڪندي چيو ته  امام انقلاب شهيد اعظم سورهيه بادشاهه ۽ سندس  جان نثار حرن جي قربانين کي سلام پيش ڪجي ٿو، هنن سنڌو تي ڌاڙو نامنظور پاڻي ناھي قربلا جي  نعريبازي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.