حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي نامياري دانشور ۽ پاڻي جي مسئلي تي نظر رکندڙ نصير ميمڻ پنهنجي فيسبڪ پيج تي ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال بابت لکيو آهي ته پاڻيءَ جي صورتحال گهڻي خراب آهي، هاڻ برساتون ٿيڻ کانسواءِ گذارو ڏکيو ٿيندو. هن لکيو ته تربيلا ڊيم ۾ استعمال جوڳو ذخيرو بنھ ٻُڙيءَ تي پهچي ويو. 1402 فٽن جي اوچائيءَ تي تربيلا ۾ ذخيرو ٻُڙي ٿيندو آهي. ان کان پوءِ جيترو پاڻي ڊيم ۾ لهندو، اوترو ئي نيڪال ٿيندو. ان کي انجنيئرنگ ۾ Minimum Operating Level – MOL سڏيو ويندو آهي. تربيلا مان 17 هزار ڪيوسڪ پاڻي مس پيو اچي. 10 هزار ڪيوسڪ ڪابل نديءَ مان وهڪرو اچي ٿو. ڪل ملائي 27 هزار ڪيوسڪ ڪابل کان هيٺ اچي رهيو آهي. درياھه جي لحاظ کان اهو گُرڙيءَ جيترو پاڻي چئي سگهجي ٿو. اسڪردوءَ ۾ اڃا گرمي پد برف ڳرڻ جيترو ناهي ٿيو. هاڻي مينهن کانسواءِ گذارو ڏکيو ٿيندو.