ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ طرفان ٺري ميرواهه ۾ پنڌ مارچ

ٺري ميرواهه (پ ر)سنڌو درياهه تي نون ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان ٺري ميرواهه ۾ ناڪي چوڪ کان شھيد فاضل راهو چوڪ تائين زبردست احتجاجي مارچ ڪيو ويو. مارچ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. شھيد فاضل راهو چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. پنجاب جي حڪمرانن جي ڏاڍاين خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، استاد امير منگي، ڊاڪٽر مدد لغاري، شير محمد جوڳي، حاڪم حاجاڻو، علي راز خاصخيلي ۽ ڪامران منگي ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته هڪ طرف سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وئي آهي ته ٻئي طرف پنجاب جا حڪمران ناجائز طور تي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي رهيا آهن. پنجاب سرڪار ۽ وفاقي حڪومت جا اهي عمل پاڪستان جي وفاق خلاف آهن. هنن چيو سنڌو درياهه تي 9 نون ڪينالن جو ڪم جاري آهي. 6 ڪينالن کانپوءِ پنجاب طرفان 3 نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃنهنن چيو ته وفاقي سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي 1971 واري صورتحال طرف ڌڪي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.