ڪراچي (م ڊ+رپورٽر) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته خانگي ٽي وي نيوز جي ٽيم چولستان ڪئنال جو ڪم ڏٺو آهي ته ان ۾ صداقت هوندي، هن چيو ته جيڪا اسان کي خبر آهي يا اسان چيڪ ڪرايو آهي ته ڪم نه پيو ٿي، ڪم ٿي يا نه ٿي، اھي ڪئنال انشاءُ الله هلڻ نه ڏينداسين، ناصر شاهه چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي قيادت جو موقف واضح آهي ته ڪئنال منظور نه آهن، ۽ انهن کي هلڻ نه ڏينداسين،هوڏانهن سيد ناصر حسين شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته صوبي سنڌ ۾ 4644 ترقياتي اسڪيمون تيزي سان مڪمل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته 1200 اسڪيمون آخري مرحلن ۾ آهن. 1777 ترقياتي اسڪيمون مڪمل فنڊ ٿيل آهن ته جيئن انهن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي ۽ بجيٽ جي کوٽ سبب ڪا به اسڪيم اڻپوري يا دير جو شڪار نه ٿئي، وفاق پاران پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ٻين طريقن سان به مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون آهن. ڪراچي ۾ سالانه ترقياتي پروگرام تحت 76 بلين رپيا مختص ڪيا ويا آهن،