حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نامياري وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ٻاهران صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياھه تي ڪينال ٺاھڻ وارو منصوبو وفاقي حڪومت کي فورن واپس وٺڻ گھرجي ۽ پنجاب حڪومت کي سنڌ جو پاڻي نه روڪڻ گھرجي، سنڌ کي پنھجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪينال ٺهڻ نه گهرجن، سنڌ جو پاڻي روڪڻ وڏي ناانصافي ھوندي، ان ڪري وفاقي حڪومت کي فوري طور تي سنڌ جي احتجاج ۽ اعتراضن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.