ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته فيصلا هاڻي بلوچستان ۾ ٿيندا،وزيراعظم جي حڪم تي وفاقي وزير ۽ سيڪريٽريز آيا ۽ صوبي جي مسئلن تي اجلاس ٿيو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صوبي ۾ امن امان سميت 47 نڪتن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون، اسان فيصلو ڪيو آهي ته وفاقي کاتن بابت صوبي جي مسئلن تي هر ٻن مهينن کانپوءِ اجلاس ڪنداسين، جعفر ايڪسپريس حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا لاش وارثن کي ڏينداسين جٿي کي نه،