ميرپورخاص ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان سيلز مين قتل

ميرپورخاص/سنڌڙي(نمائندا) ميرپورخاص کپرو روڊ تي ڳوٺ پير بخش جروار لڳ نامعلوم هٿياربند ڦورن ڦر جي ڪوشش دوران کپرو کان ايندڙ ميرپورخاص جي علائقي نيوٽائون جي رهواسي ٽپال ڪمپني جي سيلز مين سليم انور کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي حد جي دلبرمهر ٿاڻي جي پوليس سيلز مين جي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب اطلاعن موجب ٽپال ڪمپني جو مقتول سليم انور کپرو مان واپس ميرپورخاص اچي رهيو هو ته ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺبو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.