عالمي بينڪ پاران پاڪستان لاءِ 10 ڪروڙ 20 لک ڊالر قرض منظور

اسلام آباد(م ڊ) عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 10 ڪروڙ 20 لک ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بينڪ جي طرفان پاڪستان لاءِ منظور ٿيل رقم موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيل غريب هارين لاءِ استعمال ٿيندي ۽ هن رقم سان موسمياتي تبديلين کان متاثر ماڻهن کي ننڍڙا قرض ڏنا ويندا. عالمي بينڪ جي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته رقم جو مقصد موسمياتي تبديلين سبب متاثر ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ڪرڻ آهي، ۽ اها رقم عالمي بينڪ جي 10 سالن واري ملڪ جي پارٽنرشپ پروگرام جو حصو آهي. چيو ويو آهي ته منصوبو ننڍن ڪاروبارن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ مالي شموليت وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. عالمي بينڪ جي ملڪ ڊائريڪٽر چيو آهي ته مائڪرو فنانس غريب طبقي جي مالي مدد لاءِ اهم ذريعو آهي ۽ هن منصوبي مان 10 لک عورتن سميت 18 لک 90 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪندا. پاک افغان طورخم تجارتی گزرگاہ 25 ڏينهن بعد کولڻ جي اجازت ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.