حيدرآباد ۾ پوليس تي فائرنگ، فريادي پ پ اڳواڻ قتل، جوابدار مارجي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي بي سيڪشن پوليس جھيڙي جي داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي سان گڏ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ حالي روڊ جي بدين بس اسٽاپ واري علائقي ۾ ڇاپو ھنيو جتي جوابدارن سميت علائقي واسين مزاحمت ڪندي اھلڪارن تي پٿراءُ ڪيو، جنھن ۾ ھڪ اي ايس آءِ صداقت لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جھيڙي دوران جوابدار ڌر پاران فائرنگ ۾ پوليس سان گڏ ويل ڪيس جو فريادي قاسم آباد جو رھواسي پيپلز پارٽيءَ جو مقامي اڳواڻ مختيار علي کوسو گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويو، ان دوران اھلڪارن به جوابي فائرنگ ڪئي جنھن ۾ فائرنگ ڪندڙ ٻه جوابدار 45 سالن جو رضوان آرائين ۽ 40 سالن جو سليمان پٺاڻ زخمي ٿي پيا. وڌيڪ نفري پھچي گھيرو ڪري جھيڙي ۾ شامل چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل جوابدارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي. مقتول مختيار علي کوسو گذريل ڏينھن بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ته ھو ۽ سندس ڀيڻيوو فخر الدين مينھن چوري جو ڪيس ڀٽائي نگر ٿاڻي تي جوابدار قمرالزمان ڪشميري ۽ ٻين خلاف داخل ڪرايو ھو. لطيف آباد يونٽ نمبر 6 ۾ واقع ھڪ ھوٽل تي مدثر پٺاڻ، قمرالزمان ڪشميري، نعمت پٺاڻ ۽ ٻين فائرنگ ڪئي جنھن ۾ بيرو زخمي ٿي پيو. هوڏانهن اسپتال ذريعن  موجب  زخمي سلمان پٺاڻ به فوت ٿي ويو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.