غزا (م ڊ) ظالم صيهوني فوج رمضان جي مهيني ۾ فلسطين جي سرزمين کي رت سان رڱي ڇڏيو. جنگي جهازن صبح سوير آمريڪي بمن سان غزا تي حملا ڪيا. حملن ۾ 400 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، شهيدن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. اسرائيل اهڙي وقت حملو ڪيو جڏهن ماڻهو گهرن، پناهگير ڪئمپن ۽ اسڪولن جي عمارتن ۾ سمهي رهيا هئا، غزا شهر ڌماڪن سان گونجي اٿيو. حماس چيو ته اسرائيل غزا جنگ بندي معاهدي کي رد ڪرڻ لاءِ ڦاٿل ۽ بي سهارا شهرين تي غداري ڪندي حملو ڪيو. حملن کان پوءِ، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس غزا تي جنگ جي ٻيهر شروعات جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته مقصد حماس تي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ هو. ٻئي پاسي اسرائيلي فوجي عملدار ايڪس تي غزا جي لاڳاپيل علائقن مان شهرين کي جبري نيڪالي جي ڌمڪي ڏني. جڏهن ته زميني حملا ڪرڻ جو اشارو به ڏنو. گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير چيو ته سمورن اسرائيلي يرغمالين جي آزادي تائين حملا جاري رهندا. وائيٽ هائوس چيو ته غزا تي حملي کان اڳ ٽرمپ سان مشاورت ڪئي وئي هئي.