کورواھ واقعو: ايس ايڇ او معطل،17 ڄڻن تي قتل ڪيس داخل

کورواھ (رپورٽ:شاهجهان خاصخيلي) ٽي ڏينهن اڳ کورواھ ڀرسان ڳوٺ اڱاريو خاصخيلي ويجهو 4 ايڪڙ زميني تڪرار تان راهمان ۽ خاصخيلي ڌرين ۾ ٿيل خوني جهيڙي ۾ قتل ٿيل پنج ڄڻن واري واقعي ۾ غفلت ثابت ٿيڻ ۽ امن امان تي ضابطو نه آڻڻ تي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ايس ايڇ او کورواھ شفقت زمان تنولي کي معطل ڪري لائين روانو ڪري ڇڏيو آهي،انسپيڪٽر محمد خان ڪلوئي نئون ايس ايڇ او کورواھ مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن راھمان ۽ خاصخيلي برادري جي ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي ۾ مارجي ويل راهمان ڌر جي مجيد راهمون،صديق راهمون، انور راهمون ۽ مدد راهمون جي قتل جي ايف آءِ آر فريادي گلزار راهمون جي فرياد تي خاصخيلي ڌر جي مينهن وسايو خاصخيلي،گلشير خاصخيلي،يوسف خاصخيلي، اشرف خاصخيلي،نورو خاصخيلي، منٺار خاصخيلي، مقبول خاصخيلي،غلام محمد خاصخيلي،قاسم خاصخيلي، محبوب خاصخيلي، ربو خاصخيلي، واحد بخش خاصخيلي، پنهون خاصخيلي سميت 14 سڃاتل ۽ 3 نامعلوم ماڻهن تي کورواھ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي،ايف آءِ آر ۾ قلم 302- 324- 147 -149 پي پي سي شامل ڪيا ويا آھن،ٻئي طرف واقعي ۾ قتل ٿيل راهمان برادري جي چئن ڄڻن مجيد راهمون،صديق راهمون، انور راهمون ۽ مدد راهمون جي ٽيجهي رسم کورواھ ڀرسان ڳوٺ الھبچايو راھمون ۾ ادا ڪئي وئي،جڏهن ته خاصخيلي ڌر جي قتل ٿيل احمد خاصخيلي جي ٽيجهي جي رسم کورواھ ڀرسان ڳوٺ اڱاريو خاصخيلي ۾ ادا ڪئي وئي،ٻنهي ڌرين جي ٽيجهي وارين رسمن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن،شھرين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،جڏهن ته قتل ٿيل راهمان ڌر جي چئن ڄڻن ۽ خاصخيلي ڌر جي هڪ ڄڻي جي پونئيرن سان تعزيتن جو سلسلو پڻ ھلندڙ آھي،پوليس موجب خاصخيلي ڌر جي هڪ ڄڻي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ فريادي ناهن آيا،فريادين جي اچڻ تي انهن جو به ڪيس ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.