پي ٽي آءِ کي نه ڏسي مايوسي ٿي، آمريڪي جنگ ۾ حصو وٺڻ غلطي هئي\فضل الرحمان

اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماء اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي حالتن تي تفصيلي گفتگو ڪندي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب، هن رياست جي پاليسين ۾ تسلسل کي ضروري قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي ڪنهن ٻي جنگ جو حصو نٿو بنڻو چاهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته افغانستان خلاف جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو نقصان پاڪستان کي ڀوڳڻو پيو، جڏهن ته 9/11 کان پوء آمريڪي جنگ ۾ اتحادي بڻجڻ جو فيصلو هڪ سنگين غلطي هئي. ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان دهشت گردي خلاف افغان حڪومت  سان ڳالهين لاءِ پنهنجي خدمتون پيش ڪندي چيو ته هن مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن ته علائقي ۾ ڊگھي مدي لاءِ امن قائم ٿي سگهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي قومي سلامتي جي پارليماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ نه ڏسي مايوسي ٿي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ مون سان مشورو ڪري ها ته مان کين کي شرڪت جي صلاح ڏيان ها . هن وڌيڪ چيو ته 1988ع کان وٺي ملڪ سان وفاداري جو حلف کڻي رهيو آهيان.  مولانا فضل الرحمان جو هي بيان پاڪستاني سياست ۾ دهشت گردي خلاف هڪ مضبوط موقف جو عڪاسي ڪري ٿو. هن واضح طور تي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو رياست خلاف هٿيار کنين ٿا، اهي دهشت گرد آهن. مولانا فضل الرحمان اهو به چيو ته دهشت گردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏيندڙ اسان جي سر جو تاج آهن آهن ۽ انهن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.