ڪي پي ۾ ٽن ٿاڻن ۽ چوڪين تي حملا، 2 اهلڪار زخمي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ دهشت گردن جي ٽن حملن کي پوليس پاران ناڪام بڻايا ويا، لڪي مروت جي ٿاڻي گمبيلا تي 10 کان 15 دهشت گردن حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پشاور ۾ به پوليس چوڪي ملازئي تي دهشت گردن دستي بم سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار زخمي ٿي ويا، جمرود ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي شدت پسندن حملو ڪيو، پر ايف سي جي جوابي فائرنگ کان پوءِ هٿياربند اوندهه جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.