اسلام آباد(م ڊ) عوامي ورڪرز پارٽيءَ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حمايت جي آڙ ۾ سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ٺاھڻ جي حڪومتي منصوبي کي فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ 22 مارچ تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، پارٽي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فطرت ۽ قومن جو استحصال روڪيو نه ويو ته مستقبل ۾ گلگت بلتستان کان سنڌ تائين ماحولياتي تباهي پکڙجي ويندي، اسلام آباد ۾ پارٽي جي ٻن ڏينهن جي وفاقي ڪميٽي جي اجلاس جي پڄاڻي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هڪ طرف وڏي ايراضي، پاڻي ذخيرن، معدنيات ۽ جابلو علائقن کي "ترقي” جي نالي تي لٽيو پيو وڃي ۽ آءِ ايم ايف جي زيادتين سبب محنت ڪندڙ عوام جي زندگي ڏکي ٿي پئي آهي، بيان ۾ چيو ويو ته عوامي ورڪرز پارٽيءَ بلوچستان ۽ پختونخواه ۾ رياستي پاليسين جي فوري طور تي نظرثاني جو مطالبو ڪري ٿي، جنهن ۾ جبري گمشدگيون، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ رياستي جبر جا ٻيا سڀئي قدم شامل آهن.