ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڳائڻي الڪا ياگنڪ انڪشاف ڪيو آهي ته القاعده جو اڳوڻو سربراهه اسامه بن لادن سندس “نمبر ون مداح“ هو.
هڪ انٽرويو دوران الڪا ياگنڪ مرڪندي چيو ته” ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه جو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگرد کي به منهنجا گيت وڻندا هئا ؟“
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”اسامه بن لادن ڪهڙو به هجي، سندس اندر ڪٿي نه ڪٿي هڪ ننڍڙو فنڪار به موجود هيو، جيڪڏهن کيس منهنجا گيت پسند هئا ته ان ۾ ڪا غلط ڳالهه ته ناهي.“
انٽرويو دوران الڪا ياگنڪ بالي ووڊ جي اندروني سياست تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انڪشاف ڪيو ته ڪيئي گيت، جيڪي کيس ملڻا هئا، جيڪي سازشن ذريعي کسيا ويا.
هن ٻڌايو ته ”هڪ سينيئر ڳائڻي منهنجي خلاف انتهائي ڪِريل مهم هلائي. مان گيتن جي ريهرسل ڪري چڪي هيس، پر پوءِ خبر پوندي هئي ته اهو گانو ڪنهن ٻئي ڳائي ڇڏيو آهي.“
ياد رهي ته 2011ع ۾ آمريڪي ڳجهي ايجنسي (سي آءِ اي) ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي دوران سندس ڪمپائونڊ مان اُدت نارائڻ، ڪمار سانو ۽ الڪا ياگنڪ جي مشهور گيتن جا البم هٿ ڪيا هئا.
You might also like