چيمپيئنز ٽرافي پي سي بي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، وڏو مالي نقصان، تفصيل پڌرا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا پاڪستان جي ميزباني هيٺ کيڏيل چيمپيئنز ٽرافي 2025 بابت رپورٽ شايع ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب، پي سي بي کي 869 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو، جنهن سبب بورڊ رانديگرن جي ميچ فيس ۾ ڪٽوتي ڪرڻ ۽ فائيو اسٽار هوٽلن جي سهولت ختم ڪرڻ جهڙا سخت قدم کنيا آهن.
رپورٽ موجب، پي سي بي ٽورنامينٽ جي ٽن ميزبان شهرن راولپنڊي، لاهور ۽ ڪراچي ۾ اسٽيڊيم اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 18 ارب رپيا خرچ ڪيا، جيڪو اڳئين بجيٽ کان 50 سيڪڙو وڌيڪ هو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي سي بي ايونٽ جي تيارين تي 40 ملين ڊالر اضافي خرچ ڪيو، جڏهن ته ميزباني فيس طور رڳو 6 ملين ڊالر مليا. ٽڪيٽن جي وڪري ۽ اسپانسرشپ ذريعي تمام گهٽ آمدني ٿي.
پاڪستان رڳو هڪ ميچ پنهنجي هوم گرائونڊ تي کيڏيو، جڏهن ته ڀارت خلاف هائبرڊ ماڊل تحت هڪ ميچ دبئي ۾ کيڏي جڏهن ته بنگلاديش سان رٿيل آخري ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا پاڪستاني اخبار “ڊان“جو حوالو ڏيندي لکيو ته پي سي بي رانديگرن جي ميچ فيس 40000 رپين مان گهٽائي 10000 رپيا ڪري ڇڏي، جڏهن ته چيئرمين محسن نقوي ان فيصلي تي نظرثاني جو حڪم ڏنو آهي.
پي سي بي جي مالي صورتحال خراب ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ تي اثر پئجي سگهن ٿا، جڏهن ته محسن نقوي چيو آهي ته صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترت قدم کنيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.