ايف آءِ اي خلاف وڊيو بيان، ناديا حسين معافي گهري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا ناديا حسين چيو آهي ته هن پنهنجو بيان ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم کي رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن وڊيو بيان سان ايف آءِ اي آفيسر جي دل آزاري ٿي هجي ته هوءَ معذرت خواهه آهي.
ايف آءِ اي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناديا حسين چيو ته ادارن کي ۽ مون کي گڏجي ماڻهن جي آگاهي لاءِ هڪ وڊيو ٺاهڻ گهرجي.
هن ٻڌايو ته ٺڳن هن سان رڳو واٽس ايپ تي رابطو ڪيو هو ۽ کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته واٽس ايپ ذريعي جوابدارن کي ڪيئن پڪڙيو ويندو؟
ناديا حسين چيو ته کيس خبر نه هئي ته ايف آءِ اي جي آفيس ۾ وڃي شڪايت داخل ڪرائڻ ضروري آهي، عوام کي به اهو پيغام ڏنو ته ڊڄڻ نه گهرجي، جيڪڏهن اهڙي ڪا واردات ٿئي ته ترت شڪايت داخل ڪرائڻ گهرجي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايف آءِ اي اختيارين کي جعلي ڪال بابت سمورا تفصيل ڏئي ڇڏيا آهن، ڪال اچڻ کانپوءِ ايف آءِ اي پورٽل تي شڪايت داخل ڪرائي هئي، پر کيس اها ڄاڻ نه هو ته لکت ۾ شڪايت به داخل ڪرائڻي هئي.
هن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته آن لائين فراڊين خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.