ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسڪول ايجوڪيشن تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ گورننس، معيار ۽ ٻارن جي اسڪول تائين آسان پهچ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ اسڪول ايجوڪيشن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تعليم کاتي جي سڀني شعبن کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي چهري جي سڃاڻپ ذريعي ڊجيٽل ڪيو ويندو، جڏهن ته هر هيڊ ماسترن کي سڌي ريت فنڊ فراهم ڪيو ويندو ته جيئن هو پنهنجي اسڪولن کي بهتر بڻائي سگهن، نئين مالي سال کان هيڊ ماسترن کي ڊي ڊي او پاور پڻ ڏنا وڃن.
مراد علي شاهه چيو ته هر اسڪول جي پنهنجي بجيٽ هوندي جيڪو اهي پاڻ خرچ ڪري سگهندا، مڊل اسڪولن جو تناسب پرائمري اسڪولن مطابق ڪيو ويندو، ڇوڪرين جي داخلا وڌي رهي آهي جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.
تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته اسڪول انتظاميا کي انتظامي اختيار ڏنا پيا وڃن.
هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جو انگ 36300 جڏهن ته ايليمينٽري اسڪولن جو تعداد 2600 آهي. شاگردن جي مجموعي داخلا 5.2 ملين آهي، جنهن ۾ 3.09 ملين ڇوڪرا ۽ 2.12 ملين ڇوڪريون آهن، جڏهن ته 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
سردار شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل 4089 اسڪولن جي ٻيهر اڏاوت جاري آهي، جڏهن ته غير ضروري اسڪول انتظاميا ختم ڪرڻ لاءِ به ڪم جاري آهي.
سنڌ ۾ 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر، وڏي وزير جو تعليمي ادارن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو حڪم
You might also like